ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيت ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عباس ڪائونٽي چيمپئن شپ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي هيٽرڪ ڪري ورتي. ڪائونٽي چيمپئن شپ همپشائر جي نمائندگي ڪندي محمد عباس مڊل سيڪس خلاف هيٽرڪ ڪئي. محمد عباس پهرين اوور جي آخري 2 بال ۽ ٻي اوور جي پهرين بال تي وڪيٽ وٺي هيٽرڪ مڪمل ڪئي.