هن ملڪ جو ڇا ٿيندو؟

0
142
هن ملڪ جو ڇا ٿيندو؟

 اڄڪلھه ھر ماڻھو اھو سوال ڪري ٿو ته ھن ملڪ جو ڇا ٿيندو، 22 ڪروڙ عوام ڪيڏانھن ويندي ؟ ھي ھڪ اھم سوال آھي ۽ ھن سوال جو جواب ڳولڻ لاءِ اچو ته ملڪ جي سياسي تاريخ کي ھڪ دفعو وري پڙھون. ملڪ ۾ 35 سال ته ڊڪٽيٽرز کائي ويا ۽ ملڪ ۾ اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ رھيا ۽ باقي ڪجھه سالن ۾ نالي ماتر جيڪا جمھوريت رھي ان کي به بار بار ھٽائيندا رھيا. ھڪ ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاھي ڏيئي ڇڏيائون، ۽ پوءِ ججن پاڻ اقرار ڪيو ته ڀٽي جو جوڊيشل قتل ٿيو آھي. ڀٽي جي قتل کان پوءِ به پاليسي ۾ ٽڪي جي تبديلي نه اچي سگھي. ڀٽي صاحب جي نوجوان پٽن کي قتل ڪيو ويو ۽ ان جو ڪو داد فرياد نه ٿيو ۽ آخر ۾ انھن ڀٽي صاحب جي نياڻي بينظير ڀٽو کي پڻ قتل ڪري ڇڏيو مگر پاليسي ۾ ڪا تبديلي نه آئي. پيپلزپارٽي کي چئن صوبن جي زنجير تصور ڪيو ويندو ھو اُھا زنجير ٽٽي وئي. پيپلزپارٽي سنڌ تائين محدود ٿي وئي. ان ۾ پيپلزپارٽي جو به قصور ھوندو مگر پيپلزپارٽي کي ختم ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ تمام وڏي سيڙپ ڪئي ھئي. ڪڏھن آئي جي آئي جي صورت ۾ ڪڏھن پي پي کي ٽوڙي پيٽرياٽ ٺاھي ان کي اقتدار کان ٻاھر رکيو ويو. اھڙي طرح پنجاب جي اليڪٽيبلز ۾ اھو احساس ٿيڻ لڳو ته پي پي کي جڏھن اقتدار ئي نه ملندو ته پوءِ اھڙي پارٽي ۾ رھڻ جو ڪھڙو فائدو ان ڪري انھن ٻين پارٽين کي جوائن ڪرڻ شروع ڪيو. اھڙي طرح پي پي وارن کي پڻ يقين ٿي ويو ھاڻي انھن کي اقتدار نه ملندو تنھن ڪري انھن پنھنجو سياسي فوڪس سنڌ تائين محدود ڪري ڇڏيو . ھن وقت ملڪ جو واحد اسٽيڪ ھولڊر پنجاب آھي، ڪجهھ ڏھاڙا اڳ انور مقصود پنھنجي مخصوص انداز ۾ ھڪ تقرير ۾ پڻ چيو ھو ملڪ ۾ ھر ڊرامي جو ڊائريڪٽر پنجاب ئي رھيو آھي. ھن پنجاب سينٽرڊ سياست ملڪ کي ڪاپاري ڌڪ ھنيو آھي ڇو ته جنھن پارٽي کي پنجاب جو عوام ووٽ ڏيئي ٿو ان کي ئي اقتدار ملي ٿو ۽ ان کي ٻئي صوبي جي سيٽن جي ضرورت ئي نه پوندي آهي. انڪري ھر سياسي پارٽي پنجاب سينٽرڊ سياست ڪندي آھي جيئن ان کي اقتدار ملي سگھي.

ملڪ ۾ پيپلزپارٽي کي ختم ڪري سندس پيدا ڪيل ليڊر نوازشريف کي اقتدار ڏيندا رھيا جنھن پنجاب ۾ انقلابي ڪم ڪيا ۽ ھو ٻين صوبن کي مڪمل نظرانداز  ڪندو رھيو مگر نواز شريف کي پڻ برداشت نه ڪيو ويو. ان جا پڻ اسٽيبلشمينٽ سان اختلاف وڌندا رھيا ۽ اھو فيصلو ڪيو ويو ته نواز شريف کي نااھل ڪري ڪو نئون تجربو ڪجي ۽ اقتدار ۾ اھڙي پارٽي کي آڻجي، جيڪا اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي ھلي سگھي. ان لاءِ ھنن پوري ملڪ جا ريسورس استعمال ڪيا، عمران خان جيڪو سياست کان اڳ چوندو ھو، مان ڪو پاڳل آھيان جو سياست ڪندس ان کي راضي ڪيو ويو، اقتدار جو آسرو ڏنو ويو. جڏھن ته عمران خان ھڪ بين الاقوامي ھيرو ته اڳي ئي ھو ان ڪري ٻاھران به عمران کي وڏي سپورٽ ملندي رھي. ڏينھن رات ملڪ جا دانشور عوام کي ٻڌائڻ لڳا ته عمران خان ھڪ فرشتو آھي،جيڪو ملڪ کي ھلائي سگھي ٿو، جيڪو ڪرپٽ ناھي باقي سڀ سياستدان ڪرپٽ آھن. ماڊرن ٽيڪنالاجي استعمال ڪري عمران خان کي سوشل ميڊيا تي مشھور ڪيو ويو، ۽ گھر گھر اھو پيغام پهچايو  ويو ته عمران واحد سياستدان آھي جيڪو ھن ملڪ کي بچائي سگھي ٿو. يو ٽيوب تي چمڪندڙ نوجوانن ۽ شو بزنس جي عورتن ۽ مردن کي چينل کولي ڏنا ويا ۽ انھن کي لکن جي تعداد ۾ ڪوڙا سبسڪرائبرز پڻ ڏنا ويا ۽ اُھي يو ٽيوبرز عمران جي نالي تي لکين رپيا ڪمائڻ لڳا ۽ عمران جون تعريفون ڪندا رھيا. سڄي ملڪ ۾ ھڪ اھڙو ماحول جوڙيو ويو جو ماڻھن اعتبار ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ته عمران خان واقعي ڪو فرشتو آھي. جڏھن عمران خان مين اسٽريم ميڊيا تي اچي ان جون ڳالھيون به سڀ انقلابي ھجن جئڌيئن چيائين خودڪشي ڪري ڇڏيندس آئي ايم ايف وٽ نه ويندس، ڪو نوجوان غائب ٿيو ادارن جي سربراھن کي لاھي ڇڏيندس.

ھي جيڪا به سيڙپ ڪئي وئي ھئي ان جو مقصد ھڪڙو ئي ھو ته ڪنھن طريقي سان عمران خان کي اقتدار ڏيڻو آھي. سياستدان ته اشارا سمجھي ويندا آھن. اڃان 2018ع جي اليڪشن کي ڪافي ڏينھن ھئا اي اين پي جي اڳواڻ اسفد يار ولي خان ھڪ ٽي وي پروگرام ۾ چيو ته اھو فيصلو ٿي چڪو آھي ته اقتدار عمران خان کي ڏيڻو آھي ۽ عمران خان اچي پيو. پوءِ اسان سڀني ڏٺو ايئن ئي ٿيو. جڏھن ته عمران خان وٽ حڪومت ٺاھڻ جيترا ميمبر نه ھئا مگر ايم ڪيو ايم ۽ ق ليگ جھڙين پارٽين ۽ آزاد اميدوارن کي گڏائي عمران خان کي اقتدار ڏنو ويو. عمران خان اسٽيبلشمينٽ جون سڀ خواھشون ڌوڙ ۾ ملائي ڇڏيون. ڪجھه وقت ته ون پيج جو پيغام ڏيندا رھيا پر پوءِ احساس ٿيڻ لڳن ته عمران پروجيڪٽ فلاپ ٿي ويو آھي ۽ سڄي سيڙپ ٻڏي وئي. عمران جي اقتدار تي ڪڏھن ٻئي دفعي لکبو پر ھن وقت صرف انھي ڳالھه کي واضح ڪرڻ ٿو گھران ته ھن ملڪ کي ڪڏھن به صحيح رستي تي ھلڻ نه ڏنو ويو آھي. پر افسوس ماڻھو الزام سياستدانن تي ھڻن ٿا مگر سياستدانن جو صرف ايترو قصور آھي جيترو مرحومه عاصمه جھانگير چوندي رھي، جيڪڏهن اوھان کي حقيقت جي خبر پئي وڃي ته ملڪ ۾ ڇا پيو ٿئي ته سياستدان اوھان کي فرشتا لڳندا. عاصمه جھانگير جي اھا ڳالھه ثابت ٿي سياستدان ايترا قصور وار نه آھن جيترا ھن ملڪ جا اصل ھلائڻ وارا آھن.

ھن وقت ملڪ بند گلي ۾ ڦاسي چڪو آھي، پي ڊي ايم جي حڪومت وٽ ڪي آپشن موجود ئي نه آھن جو ملڪ کي بحران مان ٻاھر ڪڍي سگھجي. واحد آپشن آءِ ايم ايف جا شرط اٿن جيڪي ھو مڃي چڪا آھن، مگر آءِ ايم ايف جي پئسن ملڻ سان به ھي ملڪ بحران مان نه نڪري سگھندو. مھانگائي جو جيڪو طوفان ايندو اُھو ھن ملڪ کي لوڏي سگھي ٿو. ھي ملڪ 22 ڪروڙ آبادي تي مشتمل آھي. ھن ۾ مشڪل سان 20 سيڪڙو آبادي مھانگائي کي منھن ڏيئي سگھندي، 80 سيڪڙو آبادي ھن ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي کي منھن نه ڏيئي سگھندي. ان جو نتيجو افراتفري ۽ انارڪي ھوندو. ملڪ ۾ ڪرائيم وڌي ويندو، ماڻھو بک مرندا، حڪومت وٽ ڪجھه نه ھوندو جو عوام کي رليف ڏيئي سگھي. ھن وقت ماڻھن کي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ رٽائرٽمينٽ جا پئسا 6 مھينن کان سال تائين نٿا ملن، جيڪڏهن ھي ملڪ ڊيفالٽ ڪري ويو ته امڪان آھن، حڪومت ملازمن کي پگھار ڏيڻ جھڙي به نه رھندي.

افسوس انھي ڳالھه جو آھي، اھڙين حالتن کان پوءِ  به ھن ملڪ کي ھلائيندڙن ڪجهھ نه سکيو آھي. اڃان به پاليسي ۾ ڪا تبديلي نظر نٿي اچي. ھاڻي به ھڪ جج جي آڊيو ٽيپ ملي آھي جنھن ۾ ھو چوڌري پرويز الاھي سان ڪنھن فيصلي بابت ڳالھائي رھيو آھي ۽ ھدايتون وٺي رھيو آھي.حضرت  علي جو قول آھي ته ڪفر واري حڪومت ته ھلي سگھي ٿي پر ظلم ۽ ناانصافي واري حڪومت نٿي ھلي سگھي. ھن ملڪ ۾ ظلم ۽ ناانصافي جي انتھا آھي ۽ اھڙي نظام کي ڪير بھتر ڪرڻ لاءِ سوچي به نه ٿو. ھن ملڪ جا حڪمران ۽ مالڪ اڃان به ظلم ۽ ناانصافي سان ھن ملڪ کي ھلائڻ ٿا گھرن جيڪو ناممڪن نظر اچي ٿو. اھڙي ظلم ۽ ناانصافي جو نتيجو ديوار تي لکيل آھي ۽ مان پڙھي ته سگھان ٿو پر لکي نٿو سگھان. اميد آھي ته ھن بحث کان پوءِ سمجھڻ وارا سمجھي ويندا ته ھن ملڪ جو ڇا ٿيندو .

[email protected]