هاڻ اڻ چونڊيل ماڻهو به ميئر ٿي سگهي ٿو: سنڌ اسيمبلي ۾ ترميمي بل منظور

0
188
عورتون اغوا ڪندڙ ڌاڙيل نه هئا: مڪيش چاولا
عورتون اغوا ڪندڙ ڌاڙيل نه هئا: مڪيش چاولا

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪو به اڻ چونڊيل ماڻهو چيئرمين يا ميئر جي اميدوار طور اليڪشن وڙهي سگهندو، سنڌ اسيمبلي مڪاني ادارن واري قانون ۾ ترميم وارو بل منظور ڪري ورتو

بلدياتي ڪائونسلز ۾ چيئرمين ۽ ميئر لاءِ عمومي توڙي خاص سيٽ تي چونڊجي اچڻ واري شق ختم ڪئي وئي

پيپلزپارٽي جي مڪيش چاولا پاران پيش ڪيل ترميمي بل جي ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي پاران حمايت ڪئي وئي، جڏهن ته جماعت اسلامي به بل جي حمايت ڪئي

پي ٽي آءِ جا ميمبر گرفتارين لاءِ جاري ڪريڪ ڊائون سبب اجلاس مان غير حاضر رهيا

ترميمي بل تحت بلدياتي ڪائونسلز جا چيئرمين، وائيس چيئرمين، ميئر ۽ ڊپٽي ميئر سڌي چونڊ وڙهي سگهندا

سنڌ اسيمبلي ۾ عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ پرتشدد مظاهرن خلاف مذمتي ٺهراءُ به پيش ڪيو ويو

صوبائي وزير سعيد غني چيو ته رياستي ادارن جي آفيسن تي حملا ڪيا ويا، سياسي ماڻهو گرفتاري دوران فائرنگ نه ڪندا آهن، عمران خان کي ملڪ تباهه ڪرڻ جو ٽاسڪ مليل آهي

هي به پڙهندا

پي ٽي آءِ تي پابندي جو حامي ناهيان: بلاول ڀٽو زرداري