پي ٽي آءِ تي پابندي جو حامي ناهيان: بلاول ڀٽو زرداري

0
219

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف پرتشدد احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڪيسن کي منهن ڏئي، پي ٽي آءِ تي پابنديءَ جا مخالف آهيون پر پابندي آخري آپشن طور موجود ضرور آهي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  پي ٽي آءِ تي پابندي لاءِ مڪمل طور قانوني طريقو اختيار ڪرڻو پوندو، ڪوشش آهي ته اهڙو نتيجو ڪڍيو وڃي جو ملڪ ۾ استحڪام اچي

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهو فيصلو پي ٽي آءِ کي ڪرڻو پوندو ته ڇا اها سياسي جماعت طور ڪم ڪرڻ چاهي ٿي يا رياست خلاف هٿياربند ويڙهه ڪرڻ گهري ٿي، جي ايڇ ڪيو تي طالبان کانپوءِ پي ٽي آءِ حملو ڪيو، مون اڳ ئي چيو هو ته توهان پنجاب جو الطاف پيدا ڪري رهيا آهيو

 پي ٽي آءِ فيصلو ڪيو هو ته عمران خان جي گرفتاري تي سياسي احتجاج نه ڪيو ويندو، جيڪو ٿيو سو ٿي ويو، تحريڪ انصاف کي هاڻي پرتشدد ڪارروائيون ڇڏي ڪيسن کي منهن ڏيڻ گهرجي

هن جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ جناح جي گهر تي بي ايل اي ۽ لاهور ۾ جناح هائوس تي پي ٽي آءِ حملو ڪيو، پي ٽي آءِ هر ريڊ لائين ڪراس ڪري ڇڏي آهي، سياسي ڌرين کي جمهوريت جي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو

هي به پڙهندا

جيڪو ڪم 75سالن ۾ دشمن نه ڪري  سگهيا، اُهو اقتدار جي هوس ۾ مبتلا سياسي پارٽي ڪري ڏيکاريو: پاڪ فوج

عمران خان جي گرفتاري: پي ٽي آءِ جي پرتشدد مظاهرن بعد مرڪزي قيادت گرفتار

شرپسندن کي خبردار ڪريان ٿو ته قانون هٿ ۾ کڻندڙن کي ٻنهي هٿن سان چٿيو ويندو: وزيراعظم شهباز شريف قوم کي خطاب