سنڌ جو انوکو ڪردار ۽ هاري ورڪر احمد خان لغاري چمبڙ لڳ ڳوٺ داد جروار ۾ 88 سالن جي ڄمار ۾ وڇڙي ويو، پاڻ يحيٰ خان جي مارشلائي دؤر ۾ حيدر بخش جتوئي جي اڳواڻي ۾ قائم ٿيل سنڌ هاري ڪميٽي جو اڳواڻ هو، 500 هاري ورڪرن جو جٿو قائم ڪيائين، ٽنڊي الهيار دبنگ وڏيرا نصير خان مڌواڻي ، غلام حسين کوکر ، پتافي ، پاٽولي ، الهه بخش مگسي جهڙن وڏيرن کي گرفتار ڪرائي پنهنجي طرفان قائم ڪيل هاري ڪورٽ ۾ جيڪا چمبڙ لڳ شاميانو هڻي قائم ڪئي وئي هئي ان ڪورٽ ۾ مذڪوره وڏيرن کي هارين کي فصل جو حصو نه ڏيڻ جي ڏوھه ۾ گرفتار ڪري ڪيس هلايا ويندا هئا. گذريل سال 2020ع ۾ آئون ۽ سنڌ جو وڏو شاعر خليل ڪنڀار احمد خان سان سندس ڳوٺ ملڻ وياسين پاڻ اکين جو غلط آپريشن ٿيڻ سبب نور کان محروم هو پر سندس دل جون اکيون روشن هيون. سندس ڪکائين جهوپڙا ٽائيپ اوطاق جنهن کي خالي ڇت هئي پاسا خالي هئا، اسان جو ٻڌي پاڻ کٽ تي سولو ٿي ويٺو. اسان کانئس هاري جدوجهد جي باري ۾ سوال ڪيا پاڻ ٻڌايائين اسان جي تر ۾ وڏو زميندار نصير خان مڌواڻي جيڪو 5000 ايڪڙن جو زميندارن هو جيڪو هارين کي حساب بلڪل ڪو نه ڏيندو هو، مون پنهنجي ڪورٽ طرفان نوٽيس ڪڍي پنهنجي هاري ورڪرن هٿان تعميل ڪرايا ۽ کيس چيو ته فلاڻي تاريخ تي پيش ٿي هارين جي حساب ڪتاب جي بندي کڻي اچ. هو مقرر تاريخ تي نه آيو ٻيهر هاري ورڪرن جو جٿو موڪلي کيس منهنجي ڪورٽ ڪيو ويو پاڻ مهلت ورتائين ته ٻي تاريخ رکو آئون حساب ڪتاب ڪري هارين حق ڏيندس. ٻي تاريخ تي پاڻ پيش ٿيو ۽ سڀني هارين جا ليکا چوڪا ڏنائين ۽ پاڻ پنهنجي زمين تر جي ڪلاسيڪل وڏيري شاهنواز جوڻيجي کي اسان کي هيسائڻ لاءِ مقاطي تي ڏئي آيو. شاهنواز جو ڀاءُ ٻني سنڀالڻ لڳو جنهن پڻ هارين کي حساب ڏيڻ کان انڪار ڪيو مون شاهنواز خان کي خط لکيو ته تون نيڪ ماڻهو آهين اسين توهان سان وڙهڻ نٿا چاهيون پنهنجي ڀاءُ کي سمجهائي ته غريب هارين جا حساب ڪري پاڻ جواب ۾ لکيائين ته آئون فلاڻي تاريخ تي ايندس اوهين به اچجو ته هارين جو حساب ڪرائي ڏيندس.
مون مناسب ڪو نه سمجهو آئون شاهنواز جهڙي نيڪ ماڻهو کي ڪورٽ ۾ گهرايان تنهن ڪري آئون پاڻ سندس ٻني واري اوطاق تي متاثر هاري وٺي ويس شاهنواز اڃان ڪو نه پهتو هو، اوطاق ۾ هڪ ئي کٽ رکيل هئي آئون وڃي ان کٽ تي ويٺس ته ڪمدار کٽ تي ويهڻ کان منع ڪندي چيو ته وڏيري جي کٽ تي نه ويھه، مون چيو ته وڏيري لاءِ ٻي کٽ کڻي اچ آئون جج آهيان هن ئي کٽ تي ويهندس. مون پنهنجي ورڪرن کي چيو ته ڪمدار کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍو هاري ورڪرن جي حب تب ڏسي ڪمدار منهن سڄائي وڃي ٻاهر ويٺو. ايتري ۾ شاهنواز خان به اچي ويو جنهن کي ڪمدار سڄي ماجرا ٻڌائي شاهنواز سڌو اچي مون سان ڀاڪر پائي مليو سندس ڀاءُ کي گڏ ويهاري حقدار هارين کي پنهنجي فصل جو حصو ڏياريو ۽ منهنجا ٿورا مڃيندي هليو ويو.
اهڙي طرح اسان غريب هارين کي وڏيرن کان فصل جو حساب ڪتاب ڏياريندا رهياسين اسان وٽ ڪيترائي هاري ظالم وڏيرن جون دانهون کڻي ايندا هئا جن جي حق رسائي ڪندا هئاسين. مون کان اڳ انگريزن جي دؤر ۾ به ٻه ماڻهو اهڙا هئا جيڪي وڏيرن کان ڍلون وصول ڪندا هئا پير صاحب پاڳاري سورهيه بادشاھ جا حر هئا هڪ هو بچو بادشاھ ٻيو هو گلو گورمنٽ جنهن تي پنجابي ۾ فلم به ٺهي. وڏيرا مون تي ڪوڙا ڪيس ڪندا هئا مونکي گرفتار ڪري ٽنڊي الهيار ۾ جج صاحبن وٽ پيش ڪيو ويندو هو جيڪي مونکي باعزت بري ڪري چوندا هئا تون ڀلو ڪم پيو ڪرين شاباسي ڏئي چوندا هئا ته اهڙي طرح غريب ۽ بي سهارا هارين کي حق ڏياريندو رھه.
ڄاڻايل ڪورٽ ٻن سال تائين هلي، ڳالهيون ڪندي سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا سندس پڪو ايمان هو چيائين ته هڪ ڏينهن هاري انقلاب ضرور ايندو. هي جاگيرداري سسٽم اوس ختم ٿيڻو آهي مون همت نه هاري آهي اڄ به منهنجا ٻه پٽ هاري ورڪر آهن اوهان جي اچڻ جي خبر هجي ها ته آئون کين ويهاري ڇڏيان ها، هو حيدرآباد ويل آهن هاري ڪميٽي جي گڏجاڻي ۾، رات ترسو ته هو اچي ويندا آخر ۾ مون ساڻس گڏجي همدرد جو هي ڳلام ڳايو.
منهنجي مٺڙي مارن تي ويل هزارين جاڳوڙي
ڏوھه بنا ڪيئي ڪونڌر ڪونڌر جيل هزارين جاڳوڙي
اڄ احمد خان نه رهيو آهي پر سندس جدوجهد تاريخ جي صفن ۾ امر ٿي وئي آهي ڪاش ڪو ٻيو امر ڪردار ڪامريڊ احمد لغاري جهڙو سنڌ ڌرتي تي جنم وٺي ۽ هارين جو ٻانهن ٻيلي ٿئي.