نگران وزيراعظم طرفان پي آءِ اي ۽ خساري جو شڪار ادارن جي نجڪاري جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت

0
131

اسلام آباد: نگران وزيراعظم طرفان پي آءِ اي ۽ خساري جو شڪار ادارن جي نجڪاري جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو

اجلاس کي پي آءِ اي جي مختلف معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، فيصلن ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ قومي ادار جو خسارو مشڪلاتن ۾ واڌ جو سبب بڻجي رهيو آهي

وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته عوام جي ٽيڪس سان انهن ادارن جو خسارو پورو ڪرڻ وڌيڪ ممڪن نه آهي، پي آءِ اي ۽ خساري جو شڪار ٻين  ادارن جي نجڪاري جو عمل تيز ڪيو وڃي

نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هوابازي شعبي جي سڌارن سان عوام کي بهترين سهولت فراهم ڪري سگهبي، خساري جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن ان جي تدارڪ لاءِ قدم کڻي سگهجن