نيب، نيازي,ايم ڪيو ايم ڳٺجوڙ ۽ سنڌ دشمني

0
448

موجوده نيازي حڪومت نيب يا ايم ڪيو ايم جي ڳٺ جوڙ سان اڪثر اھڙا فيصلا ڪري رهي آهي جيڪي سنڌ جي وحدت، صوبائي خود مختياري، چونڊيل جمھوري مينڊيٽ خلاف سازش ۽ سنڌين کي پنھجي صوبي خاص ڪري ان جي وڏن شھرن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٻئي درجي جو شھري بنائڻ جا سنڌ دشمن منصوبا آھن. عمران ، ايم ڪيو ايم ڳٺ جوڙ پاران باقي سنڌ کان الڳ ڪراچي کي “خاص حيثيت” ڏيڻ، ساحلي ٻيٽن کي قبضي ھيٺ آڻڻ، اسٽيل مل جي ھزارين ايڪڙ زمين ڦٻائڻ، سنڌ حڪومت جي آئيني اختيارن تي آپيشاھي ھلائڻ، گورنر راڄ جي سازشن ۽ اھڙن ڪيترن ئي معاملن ۾ انھن جو تعصبي بدنيت چھرو وائکو ٿي چڪو آھي.
سنڌ جي سجاڳ عوام جي ڀرپور مزاحمت ۽ ڪجھه سنڌ حڪومت جي پيرن جھلڻ سان اھي خطرا وقتي طور تي ماٺا ته ٿيا پر ختم نه ٿيا آھن. ھڪڙي نه ٻي ڦيري سان سنڌ ۽ سنڌي عوام خلاف نيب، نيازي ڳٺ جوڙ جون سازشون جاري آھن. جنھن تحت تازو نيب سنڌ حڪومت جي، ايس اينڊ جي اي ڊي کاتي کي خط لکي سنڌ جي رورل علائقن سان تعلق رکندڙ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ گريڊ 1 کان 22 تائين مقرر ڪيل ملازمن جو تفصيل جلد ۽ اوليت جي بنياد تي ڏيڻ جي گھر ڪئي آھي. نيب نيازي ايم ڪيو ايم جي سنڌ دشمني جا سيڪا کاڌل سنڌ لاءِ اھو خط ھڪ وڏي خطري جي گھنٽي آھي.
اھو ليٽر به نيب جي “اصل مقصدن” وانگر “پوشيدو” آھي ۽ ان مان ڪا به وضاحت نٿي ملي ته اھا معلومات ڪھڙي مقصد لاءِ ورتي پئي وڃي پر اھو يقين سان چئي سگھجي ٿو ته ان ۾ سنڌين لاءِ خير ۽ چڱائيءَ جو ڪوبه امڪان ڪونھي. نيب نيازي + ايم ڪيو ايمي سنڌ دشمن ارادا ھن ڳالھه مان به ظاھر آھن ته نيب جي ليٽر ۾ رورل سنڌ جو ڊوميسائيل رکندڙ ملازمن جو تفصيل رڳو ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پوسٽنگ ٿيل ملازمن بابت گھريو ويو آھي جڏھن ته سکر سميت سنڌ جا ٻيا وڏا شھر جيڪي اربن ڪيٽيگري ۾ اچن ٿا
انھن ۾ رورل پوسٽنگن جي صورتحال ڄاڻڻ جي ضرورت نه سمجھي وئي آھي جو شايد اھا ھن سنڌ دشمن منصوبي جو حصو نه آھي. (سنڌ حڪومت هاڻي باضابطه طور نيب جي ان ليٽر جي مذمت ڪندي چيئرمين نيب کان جاچ جو به مطالبو ڪيو آهي ) بھرحال سنڌ حڪومت نيب کي اھا معلومات ڏيڻ جي پابند آھي يا ان کان اھا معلومات حاصل ڪرڻ جو سبب ڄاڻڻ جو اختيار رکي ٿي يا نه، ان کان ھٽي ڪري نيب جي ھن نوعيت جي شايد پھرئين خط مان لڳي ٿو ته سنڌ ۾ ڪو نئون ممڻ مچائڻ جي تياري ٿي رھي آھي.
ھن سنڌ دشمن نيب نيازي ايم ڪيو ايمي ڳٺ جوڙ جا پيرا شيخ رشيد جي ٿورو ئي عرصو اڳ سندس ڪراچي ياترا ۾ ملن ٿا جڏھن ھن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ نادرا کي ڪراچي ۾ سنڌين کي شناختي ڪارڊ نه ڏيڻ جي فيصلي جو ٻڌايو ھو، بعد ۾ سنڌين جي شديد ردعمل کانپوءِ بيان تبديل ڪري چيائين سنڌين جو نالو ھن کان غلطي ۾ چئجي ويو ھو. معذرت ۽ بيان بدلائڻ جي باوجود شيخ رشيد جيڪا ڳالھه زبان مان ڪڍي ان سازش تي عمل ٿيندي نظر اچي پيو ان لاءِ طريقي ڪار ڪھڙو اختيار ڪيو ويندو انھي جي خبر اڳتي پوندي پر ان حرفت ۽ مڪاريءَ جي سڄي مشق جو مقصد اھو ئي ٿو نظر اچي ته ننڍي کان وٺي وڏي گريڊ جي سنڌي ملازمن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد کان نيڪالي ڏني وڃي.پاڪستان ٺھڻ ۽ ون يونٽ کانپوءِ خاص ڪري ڪراچيءَ تي ھندستاني مھاجرن ۽ ٻين صوبن جي ماڻھن جيڪا والار اچي ڪئي ان سان شھر جون قديم اصلي آباديون پوئتي ڌڪجي ۽ اقليت ۾ تبديل ٿي ويون. سنڌي ماڻھن لاءِ ڪراچي شھر اوپرو بنايو ويو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ۾ سنڌين جي ڪراچي اچڻ جو دروازو ڪجھه حد تائين کليو جيڪي گھڻو ڪري نوڪري يا روزگار خاطر اچي رھڻ لڳا ھئا. تڏھن کان ئي اڳواٽ قابض ڌرين کي ان جي سخت تڪليف ھئي جو مھاجر پنجابي پختون محاذ ٺاھيو ويو.
لساني تعصب ۽ فسادن ذريعي سنڌين جي مھاجر اڪثريتي شھرن توڙي صوبي جي گاديءَ واري شھر ۾ اچي رھڻ اتي تعليم روزگار ۽ شھري سھوليتن جا فائدا حاصل ڪرڻ جا رستا روڪيا ويا، اھا ئي ذھنيت ھئي جنھن کي استعمال ڪري ايم ڪيو ايم ٺاھي وئي. ڪراچي ۾ سنڌين جي رستا روڪ جنرل ضياءَ جي دور ۾ وري ٿي جڏھن سڄي سنڌ سان گڏ ڪراچي ۾ به لياري کان ملير تائين سنڌي ۽ بلوچ آبادين مان وڏي تعداد ۾ ماڻھو مارشل لا خلاف ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ متحرڪ ٿيا ھئا ۽ جيلن ۾ ويا جنھن ۾ پيپلز پارٽي سميت ايم آرڊي جي ٻين پارٽين ۽ جمھوري حلقن سان لاڳاپيل اردو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ به شامل ھئا.
ان جمھوري ساٿ ۽ سياست جو ٽوڙ ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ وري لساني تعصب ۽ تفرقي جو آزمايل ھٿيار استعمال ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم کي ڪراچي حيدرآباد جھڙوڪر لکي پڙھي ڏني وئي جنھن سنڌين سان گڏ پنجابي ۽ پٺاڻن سان به خوني فساد ڪري پنھجي ھڪ ھٽيءَ جو ڌاڪو ڄمايو. شھيد بينظير ۽ نواز شريف جي حڪومتن ۾ ايم ڪيو ايم شامل به رھي ته انھن کي پنھجي متعصب لساني دھشتگردي جي دٻاءَ ھيٺ به رکيو. جيتوڻيڪ سنڌي ان دور ۾ به نوڪري تعليم يا ڪاروبار بھاني ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آيا پر اھي غير محفوظ ۽ غير يقيني جي حالتن ۾ رھيا.
ايم ڪيو ايم جي ڍينگا مستي ۽ بليڪ ميلنگ جي اھا حالت ھئي جو ھڪ حد تي نواز شريف ان سان پنھنجي گڏيل حڪومت جي قرباني ڏني ۽ ايم ڪيو ايم جي ڏوھاري ۽ دھشتگرد سياست جا گھٽ سوڙھا ڪيا.جنرل مشرف جي دور ۾ ھن فاشسٽ دھشتگردي کي ھڪ دفعو وري کليل ڇوٽ ملي. طاھر پلازه ۾ وڪيلن کي زنده ساڙڻ، 12 مئي جي خوني راند ۽ ٻيا انيڪ واقعا آھن. جنرل مشرف جي سرپرستي ۾ سڄو شھر ڪن ڪٽن، ڪاڻن ۽ لنگڙن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو. سنڌين تي تعليم جا دروازا بند ڪارخانن ۽ ڪارپوريشنن ۾ مزوري يا نوڪري لاءِ ڪراچي جو ڊوميسائيل لازم، سنڌي پنھجي شھر ۾ ساهه سڪائي پئي ھليا. سنڌ دشمن قابض قوتن پنھجي صوبي جي گاديءَ واري شھر کي سنڌين لاءِ نو گو ايريا بنائي رکڻ جي ھٿڪنڊن ۾ ڪا به ڪسر ڪونه ڇڏي آھي. اڄ به جيڪي سنڌي ڪراچي ۾ رھن ٿا
انھن جي وڏي گھڻائي شھري سھوليتن جي اڻھوند وارن پسمانده ۽ پوئتي پيل علائقن ۾ رھي ٿي. ھونئن ته سنڌ جي شھرن ۽ خاص ڪري ڪراچي ۾ ٻين صوبن ۽ ٻاھرين ملڪن جي ماڻھن جي آمد ۽ رھائش ڪڏھن به نه رڪي آھي. پ پ ۽ نواز ليگ جي گذريل حڪومتن دوران امن مان جي حالت نسبتن بھتر ٿيڻ ڪري صوبي جي ننڍن شهرن مان سنڌين به ڪراچي حيدرآباد ۽ ويجھن وڏن شھرن اچي رھائش اختيار ڪئي آھي جيڪا ڪنھن به پلان ۽ منصوبه بنديءَ سان نه پر ان فطري عمل جي اثر ھيٺ ٿي آھي جنھن سان شھر جڙڻ ۽ آبادي توڙي معاشي سرگرمين وڌڻ سان وڏا شھر بنجن ٿا. سنڌين جي فطري اربنائيزيشن کي ھٿرادو ھٿڪنڊن سان روڪيندڙ ايم ڪيو ايم جي ھٿياربند دھشتگردي جي قوت، آپريشن ضرب عضب جي ڪراچي آپريشن سان ڪمزور ٿي پر ان کي حاصل سرپرستي ۽ غير معمولي رعايتون تڏھن گھٽ ٿيون
جڏھن اھا پنھجي حد کان وڌي ملڪي سلامتي جي خلاف قوتن سان سلهاڙجي بيٺي، اھو ايترو عرصو ان کي “اڇو ڪارو” ڇوٽ ڇڏڻ جو نتيجو ھو. ايم ڪيو ايم جڏھن پنهنجي نئين جنم ۾ پھرين جيترو طاقتور نه رھي ته ان جو فائدو عمران خان کي ڏياريو ويو. عمران خان جنھن جي سوچ اليڪشن کان اڳ ئي اھا ھئي ته “سنڌ سي لوگ آڪر ڪراچي پر حڪمراني ڪرتي هين ” ، ايم ڪيو ايم پٽ سان لڳڻ کانپوءِ به سنڌ دشمني جو ور اڃان ڪونه ڇڏيو آھي ان کي عمران جھڙو ته هلال ڏياري ٻئي ڌڻين جون ڌريون ڪراچي تي قبضي ۽ سنڌين جا دروازا ھن شھر تي بند ڪرڻ ۽ کين ڪنھن به طرح ڪراچي بدر ڪرڻ جي سنڌ دشمن منصوبن ۾ جٽ ٿيل آھن. پھرئين مرحلي ۾ ڪراچي ۾ ننڍي وڏي سرڪاري ملازمت ڪندڙ سنڌين کي ٽارگيٽ ڪرڻ جو رٿيو ويو آھي. اھو ملازم صرف ڪو ھڪڙو فرد نه ٿو ٿئي ان سان گڏ ھن جو گھر ٻار انھن جي تعليم روزگار ھڪ پورو سماجي نظام ۽ ڳانڍاپو ٿئي ٿو جيڪو ڪراچي ۾ آيل ۽ رھندڙ سنڌين جو بنياد آھي، ان کي پاڙان اکيڙڻ جي منصوبا بندي ڪئي وئي آھي، بعد ۾ اھو ٻين ادارن ۾ ملازمتون ۽ روزگار ڪندڙ سنڌين تي به آزمايو ويندو. عمران حڪومت ۽ سندس ايم ڪيو ايمي وزير سڌي طرح ته سنڌ حڪومت کان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پوسٽنگ ٿيل سنڌ جي رورل علائقن سان تعلق رکندڙ ملازمن بابت ڊيٽا نٿا گھري سگھن انڪري اھو ڪم نيب کان ورتو ويو آھي. نيب طرفان ٻئي ڪنھن به صوبي جي گادي واري شھر يا وڏن اربن ليول جي شھرن ۾ ان صوبي جي رورل ڪيٽيگري جي ملازمن جي ڄاڻ ۽ ڊيٽا نه ورتي وئي آھي جنھن سان نيب نيازي ڳٺجوڙ ۽ ايم ڪيو ايم جي سنڌ دشمني صاف ظاھر نظر اچي ٿي.