موهن موچيءَ جي واپسي!

0
556

هن جي اکين جا تارا ئي ٻاهر نڪري آيا جڏهن وڏين مڇن واري همراهه هن جي مٿان بندوق اچي رکي هئي، هن جي ساهه جي ڌنوڻ ڪجهه گهڙين لاءِ ماٺي ٿي وئي
هن محسوس ڪيو ته سيکڙاٽ هٿ ۾ جهليل موچڪي آر هن جي دل مان ايئن آر پار ٿي وئي آهي جيئن ڪو هي ڇنل پراڻو جوتو هجي.
اوچتو هن کي ڪياڙيءَ وارو چنبو لڳو هن محسوس ڪيو ته هن جي ڪياڙيءَ ۾ ايئن ڪوڪو ٺوڪيو ويو آهي جيئن هي جُوتي جي گسيل تري کي نال هڻي ڪوڪا ٺوڪيندو آهي. تري گٺل جوتو ته رڳو هلڪي ڪيڪ ڪندو آهي پر هن ڪياڙي واري چنبي لڳڻ تي وڏي رڙ ڪئي .هن کي گهيتلو سمجهي مٽيءَ ۾ گهليو ويو ڪچي جي علائقي ۾ موهن موچيءَ جون رڙيون هيون ۽ ڪچي جا خوني ڌاڙيل هئا جن سمجهيو پئي ته عورتاڻي آواز تي هرکجي آيل موهن هنن لاءِ عيد جون خوشيون کڻي آيو آهي. هنن جهنگ جي جانورن کي ڪهڙي خبر ته موهن ڪو غريب موچي آهي، موھن به مائي سان اهڙيون ڳالهيون پئي ڪيون جهڙو انگلش بوٽ ڪمپني جو مالڪ هجي.
پنجن ڏينهن جي ڊگھين ذلتن ۽ مار موچڙي کان پوءِ نيٺ ڪچي جي ڪاريگرن موهن جي اها وڊيو وائرل ڪرائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي جنهن وڊيو ۾ پنجاھه لک جي رقم جي موهن کان رڳو گهر نه ٿي رهي هئي پر موهن جي نڪ مان ريلا ٿي نڪتل رت اهو ٻڌائي رهيو رهيو هو ته موهن جي حالت ڪا چڱي ناهي موت جي خوف هن جي شڪل ۾ ڊينٽ وجهي ڇڏيا هئا هن جا پٺا رت سان ڳاڙها هئا ۽ اڇو پاتل ڪاٽڻ جو وڳو هن جي جسم تي ڪفن جيان لڳي رهيو هو. موهن جون رڙيون دانهون ۽ ڪوڪون آسمان ڏاري رهيون هيون. هن جون اکيون بک ۽ خوف سبب ڏرا ڏيئي ويون هيون پويان گهر ۾ هن جون جوان جماڻ نياڻيون روڄ راڙي ۾ مشغول هيون. هن پاڻ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو. هي موبائل ڏاڍي ڪني آهي رانگ نمبر هاڻي ڪڏهن به اٽينڊ نه ڪندس. بس رڳو خير سان واپسي ٿئي پنهنجي ڪم سان ڪم رکبو. باقي زندگي جوتا ڳنڍي گذاربي.
هن آسمان ڏانهن ڏٺو مٿي ڪاري اونداهه هئي هن اونداهه جي خوف کان اکيون پوري ڇڏيون. هن پاڻ کي جوتن پالش ڪرڻ واري وڏي ڪاٺ جي صندوق سان گڏ ڏٺو جتي هي ٽپڙي وڇايو مختلف رنگن جي پالش جي ڊٻين جا ڍڪ چاپي رهيو هو هن پاڻي جي ڀريل پاٽ ۾ هاريءَ جا سڪل ، ٽٽل جوتا پسايا جيڪي سال ۾ پهريون ڀيرو فصل کڻڻ کانپوءِ پالش ٿيڻ آيا هئا. هن جوتي سان ڳالهايو. هن هاري جي جوتي کان پڇيو سال ڪيئن گذريو؟ جوتي هلڪي کنگهڪار ڪندي نڙي صاف ڪئي. ڏينهن رات پنڌن ۾ گذريو نانگن بلائن ۽ وڇن جا ڏنگ کاڌم، سردي گرمي پورهئي ۾ رهيس پر اڄ ڪڻڪ جي ان جو کرو کڻڻ کان پوءِ ايئن لڳو اٿم ڄڻ سال جا سفر ئي اجايا ويا. ساڳيا پنڌ ساڳيا عذاب سال جو ان به ڀوتار ناهي ڏنو. نور ڀٽاري گهر جي گُندي خالي آهي. بس قرض لٿو ڄڻ مرض لٿو. هن هاري جي پراڻي جوتي کي پنهنجي ڪاريگري جي اک سان ڏٺو هن آر ۽ ڌاڳو هٿ ۾ کنيو ۽ جوتي جي اڊڙيل حصن کي ڳنڍڻ شروع ڪيو. هاري جو جوتو ڀت جيان خاموش رهيو آر جي سلائي تي اف به نه ڪيائين. سلائي ڪري هاري جي جوتي کي بنا پالش جي جوتن جي پيل ڍڳ مٿان بيزاري مان اڇلائي اک ڦيرائي ڇڏيائين.
هن مزدور جو جوتو هٿ ۾ کنيو، ڳاڙهي پالش جي ڊٻيءَ مان برش ڀري جوتي جي منھن تي رهڙو هڻڻ لڳو مزدور جو جوتو ڀڻڪيو هن ڪن ويجهو ڪري مزدور جي جوتي جو آواز ڪنايو. ڇا پيو چئين، هن مزدور جي جوتي کان پڇيو. “دنيا ڪي مزدورو ايڪ ھوجائو” وارو نعرو هڻندڙ اسانجي اڳواڻ جي جوتي ۾ ۽ مون ۾ خبر اٿئي ڪهڙو فرق آهي. موهن نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي پنهنجي اڻڄاڻائي جو اظهار ڪيو. مزدور جي جوتي وري ڳالهائڻ شروع ڪيو.
مان سال ۾ هڪ ڀيرو پالش ٿيڻ لاءِ تون تائين آيو آهيان، ٺيڪيداري نظام هڻي اسان کان سڀ ڪجهه ڦري ورتو آهي. نه اسان وٽ هاڻي ساليانو بونس آهي نه ئي وري علاج جي سهولت آهي. پاڪيٽ يونين سرمائيدارن جي سرمائي جو ته تحفظ ڪن ٿيون پر مزدور جي پورهئي جو تحفظ نٿيون ڪن. ليبر ڪورٽون تماشو بڻيل آهن. مزدور هن دور ۾ جيترو ننڌڻڪو آهي ڪنهن دور ۾ به نه ٿيو. سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي گڏيل حڪمرانيءَ ۾ مزدورن لاءِ ڪابه مزدور دوست پاليسي ناهي. هاڻي ته هزارين مزدور بيروزگار ٿيندا ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته يورپ جي ملڪن اسان جي ملڪ سان واپار ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي اسان جي ڪاٽن انڊسٽري ڏيوالپڻي جو شڪار ٿيڻي آهي ڪپهه جو وڏو فصل اپائيندڙ اسان جو هي ملڪ هاڻي ٻين ملڪن کان ڪپهه گهرائي رهيو آهي. يار موهن مزدور طبقي کي مستقبل ۾ وڏن عذابن مان گذرڻو آهي.پر اسان جي يونين جي اڳواڻ جي پيرن ۾ پيل بوٽ کي ڪڏهن به موهن موچي جي پالش جي ضرورت ناهي پئي. چلڪڻي مهانگي پالش روز هن کي گهر ۾ ئي چمڪائي ٿي. هن مزدور جي جوتي کي پالش ڪري ڪاٺ جي پيتي جي ڀر ۾ سنڀالي رکيو.
هن ڏٺو هن جي سامهون سڻڀو جوتو پيو آهي. موهن سڻڀي جوتي کي ھٿ ۾ کڻي برش جو رڳڙو ڏنو، جوتي چيو موهن آهستي آهستي رڳڙ، برش کي نرمي سان هلائي مون مان رڳو مٽيءَ جي مر کي پري ڪر.
هن سڻڀي جوتي کان پڇيو، ڏاڍو نازڪ مزاج آهين. برش جو رڳڙو به نٿو برداشت ڪري سگھين، سڻڀي جوتي مرڪي چيو مان ڪو هاري ۽ مزدور جو جوتو ناهيان جو سالن تائين پالش لاءِ سڪندو رهان مان ته ڪالهه به تو وٽان پالش ٿي ويو هئس ڇا توکان وسري ويو ڪالهه به سيٺ توکي سو روپيا ڏيئي چيو هو موهن سڀ رکي ڇڏ. توسان ڪهڙا حساب. هن سڻڀي جوتي کي ڪڇ ۾ رکي ڪاري پالش جو ڀريل برش هنيو. هن سوچيو سيٺ جي بوٽن کي ڪڏهن به چتي ڇو نٿي لڳي سدائين بوٽ نوان ڇو هوندا آهن. سيٺ جي سڻڀي جوتي کي پالش ڪرڻ کانپوءِ هن گوڏي تي رکي ريشمي ڪپڙي سان مالش ڪرڻ شروع ڪيو هن جوتي جي منهن ۾ پنهنجي چهري کي ڏسي اطمينان ڪيو ته سيٺ اڄ به سو روپيا ئي ڏيندو. هن سڻڀي جوتي کي ڪاٺ جي پيتي جي مٿان رکي جوتي جي چمڪندڙ چهري ڏانهن فخر سان ڏٺو.
هن هلڪو ٿڌو ساه کنيو ته سامهون پيل ملان جي سيلپر هن کي اک ڀڳي. موهن نئين بالغ ٻار جيان شرمايو ۽ هٿ ۾ کڻي سليپر سان ڳالهائڻ شروع ڪيائين. اڄ ڏاڍو خوش آهين خير ته آهي؟.
هاها سڀ خير آهي روز ٻه چار نڪاح ۽ ٻه چار ختما آهن ڍوَ ئي ڍوَ آهن. ميان موهن واندڪائي ئي ناهي جو طالبن سان روح رهاڻ ڪري سگهان. همٿ ڪر پالش ڪري وٺ. ميان جي ٻئي نڪاح تي وڃڻو اٿم.
موهن برش هٿ ۾ کنيو هن عمر ۾ ٻئي نڪاح جي ڪهڙي ضرورت ڀلا. بس سال اڌ ۾ هونئن ئي ميان کي جنت ۾ حورون ۽ غلمان پيون هندورن ۾ لوڏينديون. بس ڪري پنهنجو ڪم ڪر. ميان ڪا جنت لکائي آيو آهي ڇا جو ٻيو نڪاح نه ڪري. ملان جي سليپر ڇڙٻ ڏيئي موهن سان ڳالهايو. موهن اٻاڻڪو ٿي چيو روز جو ميان، ايتريون ڪافراڻيون مسلمان پيو ڪري سو ميان جي جنت ته پڪي اٿس. ملان جي سليپر وڏو ٽهڪ ڏنو بيشڪ ميان جي جنت پڪي آهي پر جنت لاءِ مرڻو پوندو آهي ميان کي اڃان جيئڻو آهي.
موهن جي نظر اوچتو لانگ بوٽ تي پئي هن هٿ وڌايو لانگ بوٽ جون ڪهيون ڇوڙيون انتهائي آرام ۽ نفاست سان لانگ بوٽ کي هنج ۾ رکي چڪاسڻ لڳو. لانگ بوٽ صفا چپ رهي موهن جون حرڪتون ڏسندو رهيو. موهن لانگ بوٽ جي کڙي کي ڏٺو. منهن کي ڏٺو، هن کي لانگ بوٽ جو منھن ڏاڍو گٺل لڳو. هن پنهنجي نرڙ تي هٿ گهمايو هن محسوس ڪيو ڄڻ ان لانگ بوٽ جو ٿڏو هن جي نرڙ تي لڳل آهي. هن لانگ بوٽ کان پڇيو گهڻن ڏينهن کان پوءِ آيو آهين. ها هاڻي گهڻو تڻو روڊن تي گهٽ نڪران ٿو بس ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن کي سبق سيکارڻو هوندو آهي ته ٻه چار ٿڏا هڻڻ لاءِ ٻاهر نڪري ايندو آھيان باقي گهڻو تڻو وزيراعظم هائوس، پريزيڊنٽ هائوس وزير اعليٰ هائوس يا گورنر هائوس جي ٿڌن ڪمرن ۾ هوندو آهيان. موهن پڇيو ڀلا ماڻهو توکي سليڪٽر ڇو ٿا چون. لانگ بوٽ، ٽهڪ ڏنو تون غريب موچي انهن سياسي خفن ۾ نه پئه ته چڱو اٿئي موچي آهين موچي رهه صحافي يا سياستدان نه ٿي. موهن لانگ بوٽ سان پالش سان ڀريل برش گسائڻ لڳو، ڪجهه گهڙيون خاموش رهي وري لانگ بوٽ سان مخاطب ٿيو. جي ڪاوڙ نه ڪرين ته هڪ سوال پڇان، لانگ بوٽ رکي منهن سان چيو پڇ.
ڀلا اها خلائي مخلوق ڪير آهي.
لانگ بوٽ ست کلي بال جيان شادو کاڌو ۽ موهن جي نرڙ تي ٿڏو هڻي چيائين سڌري وڃ خبر نه اٿئي قانون اچي ويو آهي. جي ٻيهر نالو ورتو اٿئي ته کنڀجي گم ٿي ويندين. موهن نرڙ کي اگھيو ۽ لانگ بوٽ کي پالش ڪرڻ شروع ڪيائين.
اوچتو موهن کي ڪُکَ وارو ٿڏو لڳو، هن کان وڏي رڙ نڪري وئي هن اکيون کوليون ساڳيو ڪچو ساڳي اونداهه نه ڪاٺ جي پيتي نه پالش جون ڊٻيون نه لانگ بوٽ. وڏين مڇن واري ڌاڙيل موهن کي ڪچي گار ڏئي چيو اٿ ٽرڙ سڃان سردار جو ماڻهو وٺڻ آيو اٿئي نڀاڳا ٻن مهينن تائين جيڪو توسان موبائل فون تي ڳالهيون ڪيونسين ان جي بيلنس جا به پيسا نه مليا آهن گهر وڃي ايزي پيسا تان پيسا موڪلجان نه ته سڄاڻين ٿو اسان کي.
موهن ڪک ۾ هٿ وجهي هلڻ لڳو. ڌاڙيل ڳپل پنڌ تائين کيس گڏ وٺي آيا. رستي تي کيس سمجهائيندا رهيا ڏاڍي ڏاڍي چوندو هل سنڌ پوليس زنده باد. سنڌ پوليس زندہ باد.
موهن واپسي تي ڪچي کان شهر تائين سنڌ پوليس زندھ آباد جا نعرا هڻندو سڌو ايزي لوڊ واري جي دڪان تي پهتو. آئون موهن آهيان مونکي سڃاڻين ٿو؟
ها تون ساڳيو موهن آهين نه جيڪو عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيو هئين. ها ها مان ساڳيو موهن موچي آهيان. بس تو۾ اميد ساري آيو آهيان مونکي هفتي لاءِ اوڌر ڏئي.وارو ڪر ٻه هزار هن نمبر تي موڪل متان ڌاڙيل يا سردار سمجهي ته آئون ڪو واعدي جو ڪچو آهيان يا ٽرڙ سڃو آهيان.موهن موچيءَ ٻه هزار ايزي لوڊ ڪري ساڳي نمبر تي ڪال ڪئي سامهون زنانو آواز آيو. جانو ڏاڍو ڪنجوس آهين هيتري مار کائڻ کانپوءِ به رڳو ٻه هزار جو لوڊ موڪليو اٿئي ڀڄ ٽرڙ سڃان. ٻيهر ڪال نه ڪجان نه ته مون واري وڏين مُڇين وارو ڀاءُ کي سڃاڻين ٿو. موهن روئڻهارڪو منهن ڪري موبائل فون آف ڪري گهر هليو آيو.