نيب ليٽر جي جاچ ڪري سازش پڌري ڪرڻ گهرجي

0
322
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

وفاقي حڪومت ۽ وفاقي ادارن ۾ ويٺل ڪجهه ڌريون وقفي وقفي سان اهڙيون ڳالهيون ڪري وڃن ٿيون جيڪي نه رڳو سنڌ جي عوام کي مڇرائڻ ۽ انهن جي حقن سان هٿ چراند برابر آهن پر ملڪ جي اهم ايڪائي خلاف سازش جي زمري ۾ اچن ٿيون. ڪجهه وقت اڳ وفاقي وزير شيخ رشيد ڪراچي ۾ ويهي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ڪجهه ڌرين جي راءِ آهي ته ڪراچي ۾ سنڌين کي شناختي ڪارڊ نه ٺاهي ڏنا وڃن، تنهن ڪري ان تي وفاقي ڪابينا ويچار ڪندي پوءِ فيصلو ڪيو ويندو،جنهن کانپوءِ سڄي سنڌ مان سخت ردعمل آيو جنهن تي شيخ رشيد اهو چئي جان ڇڏائي ته مان بهارين ۽ بنگالين جي ڳالهه ڪري رهيو هيس، غلطي ۾ سنڌي چئي ويٺس. ان کان اڳ ۾ وزيراعظم جو احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر چئي چڪو آهي ته شهرن ۾ ٻهراڙي جي ڊوميسائيل وارا ملازم مقرر ٿيل آهن انهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، هاڻي وري نيب خط لکي ٻهراڙي جي ڊوميسائيل وارن ملازمن جي شهرن ۾ مقرري جا تفصيل گهري ورتا آهن. ان کان اڳ ۾ وزيراعظم اهو چئي چڪو آهي ته اندرون سنڌ وارا اچي ڪراچي تي حڪومت ڪن ٿا، اهي سڀئي ڳالهيون ۽ بيان انهي نفسيات کي ظاهر ڪن ٿا جيڪا ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ چاهي ٿي، پر اصل مسئلو سنڌ حڪومت جو آهي جيڪا پنهنجي اختيارن تي ٿيندڙ هٿ چراند تي اڪثر خاموش رهي ٿي يا دير سان ردعمل ڏئي ٿي.ٻيٽن بابت آرڊيننس جو معاملو هجي يا شهرن ۾ ٻهراڙين جي ڊوميسائيل تي مقرر ملازمن جا تفصيل طلب ڪرڻ وارو نيب جو ليٽر ،انهن ٻنهي ۾ هڪڙي ڳالهه هڪجهڙي آهي ته اهي مهيني ٻن تائين ڳجها رکيا ويا، اهو ممڪن ئي ناهي ته اهو آرڊيننس يا ليٽر جاري ٿيڻ جي هڪ ٻن ڏينهن کانپوءِ سنڌ حڪومت کي خبر ئي نه پئي هجي جڏهن ٻئي معاملا دير سان ميديا ذريعي عوام آڏو ظاهر ٿيا ۽ سنڌ جي سياسي سماجي ڌرين ۽ عوام سخت ردعمل ڏيکاريو ته پوءِ سنڌ حڪومت اک پٽي، ٻيٽن کي پنهنجي ملڪيت قرار ڏئي انهي آرڊيننس جي مخالفت ڪئي ته نيب کي به ملازمن جا تفصيل ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو نه ته وفاقي حڪومت اڳ ۾ سنڌ حڪومت جي ٻيٽن بابت ڏنل اين او سي به جاري ڪري ڇڏي هئي ته ملازمن جا تفصيل نيب کي ڏيڻ وارو سنڌ حڪومت جو نوٽيفيڪشن به موجود آهي جيڪي بعد ۾ عوامي ردعمل سبب واپس ورتا ويا.
اسان سمجهون ٿا ته ٻهراڙي جي ڊوميسائيل تي شهرن ۾ مقرر ملازمن جا تفصيل طلب ڪرڻ واروو نيب جو ليٽر نه رڳو غير قانوني، غير آئيني آهي پر سنڌ جي اختيارن ۾ هروڀرو جي مداخلت آهي جيڪا ڪنهن به ريت برداشت جوڳي ناهي،سنڌ ڪابنيا طرفان انهي معاملي جي مذمت ۽ نيب چيئرمن کان جاچ جو مطالبو سٺي ڳالهه آهي.جاچ ٿيڻ گهرجي ته آخر اهڙي قسم جو ليٽر ڪنهن جي چرچ تي لکيو ويو جيڪو ملڪ جي هڪ ايڪائي خلاف سازش جي زمري ۾ اچي ٿو ۽ سنڌ حڪومت کي به مڪمل جاچ تائين ماٺ ڪري نه ويهڻ گهرجي.