نوشهروفيروز (رپورٽر) ڳوٺ سونھري واسي اکين جي نور کان محروم ماڻھن سھائتا نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي اکين جي نور کان محروم نديم سولنگي ۽ ٻين ٻڌايو ته  ھڪ ئي گھر جا 20 ڀاتي اکين جي نور کان محروم آھن، برسات سبب گھر ڊھي پيا آھن ۽ ڳوٺ ۾ پاڻي بيٺل آھي پر اڃا تائين ڪنھن به سھائتا ناھي ڪئي، هنن چيو ته بکن ۾ پاهه ٿي رھيا آھيون، جڏهن ته بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته امداد ڏئي مدد ڪئي وڃي،