ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا ۽ رقاصا نورا فتيحي جي هڪ پراڻي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ اداڪارا پاران ڪاسميٽڪ سرجري ڪرائڻ جا فواهه شدت اختيار ڪري ويا آهن. نورا فتيحي ماضيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي سرجري ڪرائڻ جي حوالي سان ترديد ڪري چڪي آهي ۽ سندس دعويٰ آهي ته سندس جسم جي سموري خوبصورتي فطري آهي. اداڪارا جي وائرل وڊيو تي هڪ واهپيدار تبصرو ڪندي لکيو ته ” سندس سڄو جسم ۽ منهن سڀ ڪجهه تبديل ٿي ويو آهي. هڪ ٻئي واهپيدار سوال اُٿاريندي لکيو ته چڱي ڀلي صورت هيس کيس سرجري ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن جو چوڻ آهي ته نورا فتيحي سرجري کانپوءِ ڏاڍي سٺي لڳي آهي، پر اصل ڳالهه اِها آهي ته مشهور شخصيتون ان شئي جو اعتراف پڻ ڪرڻ گهرجي.