ممبئي (شوبز نيوز) ڪينيڊا ڄائي ڀارتي اداڪارا، گلوڪارا، ڊانسر ۽ ماڊل نورا فاتحي جي نئين ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.انسٽاگرام تي 29.5 ملين فالوور رکندڙ نورا فاتحي گهڻي قدر پنهنجي ڊانس جون ويڊيوز ۽ حيرت انگيز تصويرون شيئر ڪندي رهندي آهي، جيڪي سندس مداحن طرفان گهڻيون پسند ڪيون وينديون آهن.نورا فاتحي تازو ئي انسٽاگرام تي پنهنجي نئين ويڊيو شيئر ڪئي آهي، ويڊيو ۾ هوءَ پنهنجي ميڪ اپ آرٽسٽ مارس پيڊروزو سان گڏ ڊانس ڪندي نظر اچي رهي آهي.هن ويڊيو شيئر ڪندي ڪيپشن لکيو ته ”آفيس ۾ هڪ ٻيو ڏينهن“.نورا فاتحي جي ان ويڊيو کي سندس مداحن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي.