ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جي شوقين فنڪار پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم سان محبت جو اظهار منفرد طريقي سان ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته فنڪار وائٽ بال سان بابر اعظم جو پورٽريٽ ٺاهي ٿو. هن پهرين بال کي مس ۾ وڌو ۽ پوءِ پري ڀت تي لڳل ڪاغذ تي اهڙي مهارت سان بال هنيا جو بابر جو پورٽريٽ ٺهي ويو. وڊيو جي سوشل ميڊيا تي ڌوم متل آهي ۽ فنڪار جي ڪرڪيٽ سان پيار ۽ هنر تي داد به ڏنو پيو وڃي.