نوبل پرائز ۽ ادب جو عجب جهان

0
243

چوندا آهن ته “عجب جهان آ.” سو ادب جي ڪائنات ۾ اهو عجب جهان ڪجهه سالن کان دنيا جي وڏي ۾ وڏي ادب جي انعام “نوبل پرائز” وسيلي نظر اچڻ لڳو آهي. 2021ع ۾ اهو اعزاز آفريڪا کنڊ جي ملڪ تنزانيا سان تعلق رکندڙ ناول نگار عبدالرزاق گرناهه کي ڏنو ويو آهي. سندس هيل تائين ڏهه ناول ۽ درجنين ڪهاڻيون ڇپجي چڪيون آهن. ايئن ناهي ته هو اهو اعزاز ڪونه لهڻو آهي، پر اهو ان ڪري سوال اڀري ٿو ته رڳو گذريل هڪ ڏهاڪي دوران ڏسجي ٿو ته ڪيترائي ادب جي دنيا سان لاڳاپيل ماڻهو اهو چوندا رهيا آهن، “هن سال اهو حق ميلان ڪنڊيرا جو آهي، هاروڪي موراڪامي جو آهي، اولهه وارن جو زور رهيو آهي ته سلمان رشدي کي ملڻ گهرجي.” اسماعيل ڪادري جو نالو به ايندو رهيو آهي ۽ ڪجهه سالن کان جهوني ليکڪا مارگريٽ ايٽوڊ جو به اچي رهيو آهي. پر هن سال ته گارجين 4 آڪٽوبر واري اخبار ۾ زور ڏئي لکيو ته 2021ع جي ادب جي نوبل پرائيز ماڻڻ جي فيورٽ فرانس جِي ناول نگار ايني ايرانڪس آهي. پر گارجين ان سان گڏ جاپاني ليکڪ هاروڪي موراڪامي، روسي ناول نگار لوڊاميلا اوليٽسڪايا، ڪينيائي ليکڪ نگوگي وا ٿياگوو ۽ ڪجهه ٻين جا به نالا ڏنا آهن ته انهن مان ڪو به ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته ادبي دنيا ۾ ايني ڪارسن، جميڪا ڪنڪيڊ، ڊان ڊي ليو، جوني مائڪل، اسٽيفن ڪنگ، رچرڊ عثمان مان به ڪنهن کي اهو اعزاز ملڻ جو امڪان ٻڌايو ويو. جيئن 2020ع ۾ اوچتو ايئن ٿيو ته شاعرا لوئي گلڪ کي ادب جو نوبل پرائز ڏنو ويو. جنهن جو نالو شايد ئي ڪنهن کنيو هو. 2015ع کان ادب ۾ ملندڙ پرائز حيرت پيدا ڪندڙ رهيا آهن ۽ هن سال به ايئن ئي ٿيو آهي جيئن 2015ع کان 2020ع ۾ ٿيو آهي. عبدالرزاق گرناهه جو نالو ان اعزاز جي حوالي سان شايد ئي ڪنهن ٻڌو هجي، باقي فڪشن نگار طور سندس نالو مشهور رهيو آهي ۽ ڪيترن ئي ادبي اعزازن لاءِ نامزد ٿيو آهي ۽ ٿيندو رهيو آهي. اهڙي حيرت جو سبب اهو به آهي ته سوئيڊش اڪيڊمي هاڻ نامزدگي جي طريقي کي گهڻو وسيع ڪيو آهي ان ڪري سوين ليکڪ نامزد ٿين ٿا. جيتوڻيڪ اهي نامزدگيون ڳجهيون هونديون آهن پر اندازن جي بنياد تي به نالا ظاهر ٿين ٿا ۽ ميڊيائي دنيا جي ويجهو رهندڙ ليکڪن يا وري ڪي نامزد ڪندڙ ڪنهن طريقي سان اهي نالا ظاهر ڪندا آهن، نه ته بنيادي طور سوئيڊش اڪيڊمي اهي نامزدگيون 50 سالن بعد ظاهر ڪندي آهي ۽ 2021ع تائين 1960ع واري ڏهاڪي تائين وارين نامزدگين کي ظاهر ڪيو ويو آهي. هر سال سوئيڊش اڪيڊمي جا ميمبر، جيڪي هن وقت ارڙهن آهن، انهن نامزدگين جي بنياد تي ادب جي نوبل پرائز لاءِ چونڊ ڪندا آهن.

جڏهن گرناهه کي اهو اعزاز ڏيڻ جو اعلان ٿيو ۽ مون سندس نالو هڪدم گوگل ڳولا انجڻ ۾ ڏنو ته مشڪل سان ئي سندس انٽريز اچڻ لڳيون پر ايندڙ ڪجهه ئي منٽن ۾ هو ڇانيل هو. سندس فوٽو ۽ ان بابت مواد جا ڌوڙيا پئجي ويا. هر ڊجيٽل ۽ آن لائين اخبارن توڙي هر طرح جي ميڊيا تي سندس چرچو هو. ان مواد آڌار يا نوبل پرائز جي آفيشل ويب سائيٽ تي گرناهه بابت ڏنل سوانحي خاڪي مان معلوم ٿيو ته هن جو ڪٽنب اصل هندي وڏي سمنڊ جي هڪ ٻيٺ زنجبار (عربي اچار موجب) تي رهندڙ هو جيڪو تنزانيا ۾ اچي ٿو. آرڪيالاجي جي لحاظ کان اها دنيا جي اهم سائيٽ سمجهي وڃي ٿي جتي انساني زندگي جا پٿر واري دور کان وٺي آڳاٽا آثار آهن. دنيا جي مشهور سياح واسڪو ڊيگاما به ان ٻيٽ جا چڪر ڪاٽيا ۽ پوءِ سورهين صديءَ دوران هي ٻيٽ يورپي پورچوگيزن جي بيٺڪيت بڻيو، ارڙهين صديءَ ۾ اومان جي بادشاهت ۾ آيو. اڻويهين صديءَ ۾ يورپ جي بيٺڪيتي ڦهلاءُ جو وري شڪار ٿيو. چون ٿا ته اڻويهين صديءَ ۾ برطانوي بيٺڪيت دوران هي ٻيٽ اوڀر آفريڪا جو غلامي جي حوالي سان مرڪز بڻيل هو ۽ ويهين صديءَ جي سٺ واري ڏهاڪي ۾ هي تنزايا ۾ شامل ٿي ويو. جنهن ٻيٽ جي غلامين جو اهو قصو آهي انهي ٻيٽ تي عبدالرزاق گرناهه 20 ڊسمبر 1948ع تي ڄائو. جڏهن ويهين صديءَ جي سٺ واري ڏهاڪي ۾ زنجبار ۾ اٿل پٿل شروع ٿي هئي ته عربن سان جٺيون ٿيڻ لڳيون ته هي 1968ع ۾ برطانيا ڏانهن فرار ٿي آيو. تاريخ جون ستم ظريفيون ۽ ان سان گڏ سندس ڏکي زندگي هن جي ناولن ۽ ڪهاڻين جا موضوع بڻجي ويا، ان ڪري کيس بيٺڪيت، پناهه گاهن ۽ لاڏائو ماڻهن جي زندگين کي بيان ڪندڙ فڪشن نگار چيو ويندو آهي. ايستائين جو نوبل پرائيز ڏيندڙ سوئيڊش اڪيڊمي جي پريس رليز ۾ به هن کي بيٺڪيت ۽ لاڏائو ماڻهن جي قسمتن کي بيان ڪندڙ ليکڪ سڏيوويو. هن لاءِ اهو به چيو ويو ته هر قسم جي دٻاءُ کي رد ڪندي هو انهن موضوعن تي لکڻ کان پوئتي نه هٽيو. هو 7 آڪٽوبر 2021ع تي نوبل پرائز ماڻڻ کان اڳ به دنيا جا مختلف ايوارڊ ماڻي چڪو آهي. بوڪر ۽ لاس اينجلس پرائز لاءِ به سندس نامزدگيون ٿينديون رهيون آهن. علمي حوالي سان به سندس وڏو ڪم ٿيل آهي ۽ غير افسانوي ادب جا به سندس ڪتاب ڇپيل آهن. هن جي مشهور ناولن ۾ 1987ع ۾ “ميموري آف ڊپارچر”، 1994ع ۾ ڇپيل “پيراڊائيز”، 2011ع ۾ ڇپيل “دي لاسٽ گفٽ” ۽ ڪي ٻيا آهن. جڏهن ته هن جون ڪهاڻيون به يورپ جي مختلف ادبي رسالن ۾ ڇپيون ۽ مجموعا پڻ آيا. هو يونيورسٽي آف ڪينٽ، ڪينٽنبري ۾ ادب جو پروفيسر آهي. نوبل پرائز جي ويب سائيٽ موجب هن 21 ورهين جي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو. جيتوڻيڪ سندس ٻولي سواهلي هئي پر هن انگريزي ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس شروعاتي لکڻيون ادبي نه هئڻ برابر هيون. مزي جي ڳالهه اها ته هو نگگي وا ٿيانگو ۽ سلمان رشدي کي پڙهندو ۽ پڙهائيندو گهڻو آهي، جن جا نالا به هيل نوبل پرائيز لاءِ وڏي واڪي ورتا پئي ويا.