ڪيمپ ڪهاڻيون

0
519

Bioghraphy is the only true history  (Thomas Carlyle)

اسڪاٽ لينڊ جي مشهور تاريخدان  مضمون نگار  ٿامس ڪارلائل  جو مٿي لکيل ننڍڙو فقرو  پنهنجي معنيٰ  ۾ نهايت وسيع آهي، “آتم ڪٿا  ئي صرف سچي تاريخ آهي.”

تاريخ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ  اسين تاريخن جا کوڙ ڪتاب پڙهندا آهيون پر ڏٺو وڃي ته ڪيتريون ئي تاريخي حقيقتون تاريخ جي پنن تان غائب نظر اينديون آهن پر اهي ادب وسيلي اسان تائين پهچنديون آهن. اها به حقيقت آهي ته اڪثر تاريخون جيڪي  سرڪاري سرپرستي هيٺ لکيون ويون آهن  انهن ۾  اڌورو سچ هوندو آهي.  ادب سماج جي اڻ سڌي تاريخ جو درجو رکي ٿو،  جنهن ۾زندگي جون تلخ  حقيقتون چٽائي سان بيان ٿيل هونديون آهن. ساڳي طرح آتم ڪٿائون پڻ سماجي حقيقتن تي ٻڌل اهڙو داستان هونديون آهن،  جيڪي  ڪنهن هڪ شخصيت جي زندگي جي  ڪهاڻي هجڻ جي باوجود ان جي  اردگرد موجود ۽ ان سان سلهاڙيل ٻين کوڙ ماڻهن جي زندگي جو مڪمل داستان هونديون آهن.

عرفانه ڪيئي ڪٿائون هڪ ڪتاب ۾ سهيڙي ڇڏيون آهن،  هي درد ڪٿائون انهن عورتن جون آهن جن جي  ڀوڳنائن جا داستان هڪ سيلاب ماڻهن جي سامهون آندا.هڪ ننڍڙي ڪتاب “ڪيمپ  ڪهاڻيون” ۾ 23 ڪهاڻيون آهن ۽ اهي خيالي قصه نه آهن ۽ نه ئي عرفانه اهي سڀ ڪهاڻيون گهر  ويٺي گهڙيون آهن. هن پنڌ ڪيا هئا پٿريلن رستن تي، نٽهڻ اُس ۽ سخت گرمي ۾، شهر جي هر ڪيمپ ۾ وڃي اهي لڙڪ ۽ درد ميڙي هڪ جاءِ تي سهيڙيا  تڏهن وڃي هي داستانن جي  مالها تيار ٿي آهي.

مونکي ياد آهي جڏهن 2010ع ۾ سنڌ ۾ ٻوڏ آئي. حيدرآباد شهر جي مختلف جاين تي ڪيمپون لڳيون  ۽ ماڻهن جا دربدر قافلا پهچڻ لڳا.  وومنز ايڪشن فورم حيدرآباد  چيپٽر جنهن کي قائم  ٿئي اڃان ڪي ٻه  يا اڍائي  سال مس ٿيا هئا،  ان، انهن ٻوڏ ستايلن جي سهائتا جو سوچيو. اسان  پهرين به پنهنجي گڏجاڻين ۾ ٻوڏ جي دوران پيش ايندڙ صورتحال تي غور ويچار ڪيو  هو،  جنهن وقت حيدرآباد جي مختلف هنڌن  تي ڪيمپ  لڳا اتي وياسين ته اسان کي محسوس ٿيو ته هتي تمام  گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.  جيتوڻيڪ وومنز ايڪشن فورم رضاڪاراڻي تنظيم آهي،  جنهن  وٽ ڪو به فنڊ نه هوندو آهي ۽ اسان جون ميمبر جيڪي  ڪل 12 هيون سين ۽ اسان مان ڪنهن جو به ڪنهن اين جي او سان  ڪو واسطو  نه هو، نه ئي وري اهڙي ڪا ٽريننگ ورتل هئي.  پهرين مرحلي ۾ اسان ٽيمون  ٺاهيون ۽ مختلف  ڪيمپن ۾ الڳ الڳ گروپ ٺاهي وياسين. اتي موجود ماڻهن خاص طور تي عورتن  ۽ ٻارن جي ضرورت وارين شين  جو اندازو  لڳايو، لسٽون ٺاهيوسين پوءِ  اسان سڀني پنهنجن پنهنجن گهرن مان سامان کنيو، ڪپڙا، بسترا، رڌپچاءَ جو سامان پليٽون وغيره ڪجهه ماڻهن کي ڏنيون سين پر قافلي جو وڌندڙ انگ ڏسي پوءِ اسان پنهنجي رشتيدارن، واسطي وارن،دوستن کان ڪنٽريبيوشن  گڏ ڪيو. مارڪيٽ ۽ شاهي بازار مان سامان ورتو سين. گاڏيون، سوزوڪيون ڪرائي تي ڪري سامان هڪ جاءِ تي گڏ ڪري پوءِ سڀني گڏجي  ويهي ڪٽا ٺاهيا. اسان ڪوشش ڪئي ته عورتن جيڪي شيون چيون آهن اهي انهن کي ڏيون. ڪجهه عورتن چيو هو ته انهن کي ٻارن لاءِ کير کپي ڇو ته اڪثر ڪري ڪيمپن ۾ برياني جون ديڳون موڪليون پئي ويون ۽ ٻار کائي نه پئي سگهيا.کير، صابڻ ، ماچيس لاءِ عورتن  خاص طور تي چيو هو. اسين روز  امر سنڌو جي هاسٽل ۾ وڃي اهو سامان  پيڪ ڪندا هئا سين. پوءِ گاڏين ۾ کڻي ڪيمپن ۾ ورهائڻ ويندا هئاسين. ان سان گڏوگڏ ميڊيا تي عورتن جي اشوز کي  پڻ نمايان ڪندا رهياسين.  آئون هر هفتي آرٽيڪل لکندي هيس.  جيڪي ساٿي ٽي وي پروگرامن ۾ ويندا هئا اهي اتي ڳالهائيندا هئا.  ڪجهه پروگرامن ۾ امر سنڌو خاص طور تي ان ڪڻڪ جي اٽي جو نمونو کڻي وڃي اها ڳالهه رکي ته هي غيرصحتمندبخش  اٽو  ماڻهن ۾ ورهايو پيو وڃي، حڪومت  نوٽيس وٺي. سڄي  ڏينهن جي ڀڄ ڊڪ  کانپوءِ عرفانه قلم ۽ ڪاغذ کڻي وڃي سڄي  ڏينهن جو احوال لکندي هئي، جيڪو روز اخبار ۾ ڇپندو هو. ان وقت عرفانه ملاح جي روز لکڻ جي ڪري ڪيتريون ئي   سماجي تنظيمون متوجه ٿيون، حڪومت جي نوٽيس ۾ به  ڳالهيون آيون ۽  مستحق ماڻهن جي  سهائتا ٿيڻ لڳي. انهن ڪيمپن  ۾ٻه ڀيرا  اسان تي حملوٿيو.

هڪ ڀيرو سبزي منڊي واري ڪيمپ ۾ عورتن  کي ڏيندڙ سامان ۾ هڪ بالٽي گهٽ  لٿي.عورتون اسان سان ويڙهي پيون. هڪ هجوم اسان ڏانهن وڌيو. اسان جي هڪ ساٿي ريحانه چنڙ جو رئو  ڦري لاهي ڇڏيائون.  ٻانهن کي نهن سان رهڙي ڇڏيائون. اسين جلدي جلدي  گاڏين ۾ ويهي اتان نڪتاسين. ڪيمپ ۾ رهندڙ عورتن توڙي مردن ۾ تمام گهڻي چڙ ۽ ڪاوڙ پکڙيل هئي،  ڇو ته انهن کي  ضرورت جون سڀ شيون نه ملي رهيون هيون. اڻپورين شين انهن جي ڊپريشن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو هو. خاص طور تي هو ننڍڙن ٻارڙن جي کاڌي لاءِ پريشان هئا، ڪجهه ٻار بيمار هئا جن جي علاج جون سهولتون نه هيون، جلدي ئي حڪومت پاران قدم کنيا ويا ۽ ڪجهه رضاڪار تنظيمن پار ان  سبزي منڊي واري وڏي ڪيمپ ۾ ميڊيڪل ڪيمپ پڻ لڳائي وئي.

ڄامشوري ۾ پڻ هڪ ڪيمپ جي ماڻهن اسان جي سامان واري ٽرڪ تي حملو ڪري اٽي جون ٻوريون کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هو اهو نه سمجهي رهيا هئا ته اسين رضاڪاراڻي طور تي ڪم ڪري رهيا آهيون. ڪيمپن جي انهن خطرناڪ صورتحال جي باوجود عرفانه ملاح روز ڪيمپ مان چڪر لڳائي واپسي تي آرام ڪرڻ جي بجاءِ هڪ ڪهاڻي لکندي هئي. عرفانه به شهر زاد جيان آکاڻيون رچيندي رهي  جنهن جي ڪهاڻين اندر ڪيتريون ئي  ڪهاڻيون لڪل  هونديون هيون. پر الف  ليليٰ  جي شهرزاد  جون خالي  آکاڻيون هيون جيڪي  هو پنهنجي زندگي بچائڻ لاءِ رچيندي هئي عرفانه جون ڪهاڻيون حقيقي هيون جن  ڪيتريون ئي زندگيون بچايون.

عرفانه ملاح ان وقت جي وڏي انساني الميي تي هڪ ڪتاب به آندو آهي، جنهن ۾ هر زنده ڪردار پنهنجي  بيوسي، ڏک ،تڪليف جو پاڻ ئي مظهر آهي. گهرن مان نڪري  دربدرٿيندڙ ماڻهو پنهنجي پنهنجي علائقن، ڳوٺن جون تصريون پنهنجي دل، ذهن ۽ اکين ۾ محفوظ ڪري آيا هئا.عرفانه جي ڪتاب “ڪيمپ ڪهاڻيون” جي پهرين ڪهاڻي مائي روزا  جي آهي جيڪا گاجي شاهه جي فقيرياڻي هئي. ڄامشوري  ۾ لڳل ڪيمپ ۾ به هو پنهنجي جهوپڙي ۾ پنهنجي مريدياڻين سان رابطي ۾ هئي. عورتون هن وٽ جن ڪڍائڻ اينديون هيون. مائي روزا جنن سان ڳالهائيندي هئي اتي روز سوين  عورتن جا مسئلا حل ڪندي هئي. سندس ٻه ڌيئرون هيون جن جون شاديون نه ٿيون  هيون. جڏهن عرفانه روز ا کان ان جو سبب پڇيو ته هن چيو ته مان جنن کي ته سمجهائي سگهان ٿي پر پنهنجي پٽن کي نٿي سمجهائي سگهان. هو  غير خاندان ۾ ڀينرن جي شادي ڪرائڻ نٿا ڏين. ڪهاڻي جا اختتامي جملا  پر اثر آهن. ان مان مردن جي سماجي رتبي جو به  اندازو ٿئي ٿو ته مائي روزا جي ڏک کي پڻ محسوس ڪري سگهجي ٿو، هڪ ڪهاڻي اسان جي پدر شاهي سماج جي جوڙ جڪ کي نهايت اثرائتي نموني ظاهر ڪري ٿي. هڪ ڪهاڻي ان سماجي الميي کي اجاگر ڪري ٿي   جنهن ۾ اولاد پنهنجي بزرگ ماءَ پيءَ مان بيزار ٿي انهن کي ڪيمپ ۾ ڇڏي ٿا اچن ته جيئن هو انهن لاءِ امداد گڏ ڪن. جيئن جيئن ڪهاڻيون پڙهجن ٿيون، تيئن تيئن زندگيءَ جا مختلف پهلو اجاگر ٿيندا ٿا وڃن. هڪ ڪهاڻيءَ جا ڪردار عيد جي ڪپڙن  کان وڌيڪ روز مره جي پائڻ لاءِ ڪپڙن جي گهر ٿا ڪن. ڀاءُ کي وڳو ملي ٿو ته هو پنهنجي ڀيڻ جي لاءِ ڪپڙن جي گهر ٿو ڪري. اها ڀيڻ جيڪا سيلاب ۾ گم ٿي وئي هئي، اوسته محمد ۾ آيل سيلاب ۾ “شهباز” جي ڀيڻ گم ٿي، جنهن جي زنده هجڻ جي ڪا پڪ نه هئي پر شهباز ته منتظر آهي. حيدرآباد جي وحدت ڪالوني جي اسڪول ۾ به ٻوڏ جا متاثر قافلا رهيل هئا. ڪجهه ماڻهن جي زندگي بچائي وئي هئي پر جن جا گهر ڀاتي اڃان نه پهتا هئا اهي انهن جي زندگي لاءِ دعائون گهرڻ ۾ مصروف هئا. هڪ ڪهاڻيءَ ۾ عرفانه انهن عورتن جو درد بيان ڪيو آهي، انتظار ۽ اوسيئڙي جي عجيب ڪيفيت ۾ عورتون چئي رهيون هيون ته “خبر نه آهي ته اسين بيواهه آهيون يا سهاڳڻ آهيون”. ان وقت وومين ايڪشن فورم جي ٽيم، ٽي وي چينل سان حڪومتي ادارن جي آفيسرن سان مسلسل رابطي ۾ رهي انهن پاڻيءَ ۾ ڦاٿل ماڻهن جي سهائتا لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ انهن جي زندگين کي بچايو ويو.

ڪيمپ ۾ موجود هر عورت جي پنهنجي پنهنجي ڪهاڻي هئي، هڪ اها وارتا جنهن ۾ هوءَ مبتلا هئي ۽ ڪجهه اهڙيون وارتائون جن کي هوءَ ڀوڳيندي رهي آهي. سماج عورت لاءِ ڪڏهن به سولو ناهي رهيو، زندگيءَ جا سڀ چئلينج ۽ مشڪلاتون عورتن جي ئي مٿان هونديون آهن، روزگار کان وٺي ٻارن جي پرورش، کارائڻ، پيارڻ، پارائڻ عورت جي ئي ذميوارين ۾ شامل آهي، ڪيمپ ۾ موجود عورتن کي انهن خيمن ۾ به پاڻ کان وڌيڪ ننڍڙن ٻارن جي کاڌ خوراڪ جي اون هئي.عرفانه ملاح جي  هر ڪهاڻيءَ ۾ بک جي بيحاليءَ جو عڪس آهي، جدائي ۽ اوسيئڙن جا ڄار پکڙيل آهن، ڪنهن ماءُ کي پٽ جو انتظار آهي ڪا ڀيڻ ڀاءُ کي پئي ڳولي. “صوبي” پنهنجي پٽ “هوت” جي اوسيئڙي ۾ ڄامشورو ڪيمپ ۾ پهچي وئي. ڪٿي مائرون ڌيئرن کي پيون ڳولين. هي ڪتاب نه آهي، هي آکاڻيون نه آهن، هيءَ اسان جي تاريخ آهي ۽ مستند تاريخ آهي. عرفانه ملاح انهن دربدر ماڻهن جو ڏک سمجهيو، محسوس ڪيو ۽ انهن کي لفظن جو روپ ڏئي امر ڪري ڇڏيو آهي. سندس قلم جو ڪمال آهي جو، جيڪو اکين سان ڏٺو اٿس اهو ايئن ورقن تي چٽيو اٿس جو، اهي ڪردار ڪاغذن مان ڄڻ ته پاڻ آليون اکيون کڻي ڳالهائين پيا، پناهه لاءِ ڊوڙن پيا، پٿريليءَ زمين تي سمهن پيا ۽ پنهنجن پيارن کي ڳولين پيا.

2010ع ۾ سنڌ ۾ ايندڙ سيلاب، صرف ڪو وڏي  پاڻي جو ريلو نه هو جنهن صرف سنڌ جا ڳوٺ ٻوڙيا۽ ماڻهو دربدر ڪيا، پر هي دردن جو ريلو هو جنهن ۾ سنڌ جي ماڻهن جي غربت، تڪليف، ايذاءُ، استحصال به لڙهندا اچي دنيا جي سامهون نروار ٿيا. 2010ع واري سيلاب جتي گهڻن ادارن جي پت وائکي ڪئي، اتي حڪومتي انفرا اسٽرڪچر جي ڪوتاهين کي پڻ سامهون آندو.ڪيترائي سوال حڪومت جي سامهون آيا، اوچتو ايندڙ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ منظم ۽ متحرڪ ادارن جي کوٽ پڻ محسوس ڪئي وئي. اها به خبر پئي ته سنڌ جا ڪيترائي ڳوٺ بنيادي صحت جي سهولتن کان محروم آهن .بنيادي تعليمي ادارن جي کوٽ کي منهن ڏيئي رهيا آهن، ڪيترن ڳوٺن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي سهولت نه آهي، سفر جا ذريعا موجود نه آهن، روڊ ۽ رستا ٺهيل نه آهن، روزگار جا مناسب ذريعا نه آهن. خاص طور تي عورتن جي نظر انداز ٿيل حيثيت افسوس جوڳي آهي. اسان جي سنڌ ۾ عورتون بنيادي حقن ۽ زندگي جي بنيادي سهولتن کان محروم آهن. گهريلو زندگي ۾ پڻ مردن جون ٻه ٻه شاديون انهن عورتن کي پنهنجن حقن کان محروم ڪندڙ آهن پر هو انهن سڀني ڳالهين کان بي خبر آهن. ڊاڪٽر عرفانه ملاح جو هي ڪتاب ڪو عام ڪتاب نه آهي، هي درد جي داستان  سان گڏوگڏ هڪ مزاحمت ۽ جدوجهد جو داستان پڻ آهي ته خالي هٿين ماڻهن پنهنجون ۽ پنهنجي پيارن جون زندگيون بچائڻ لاءِ ڪيئن نه پاڻ پتوڙيو هو.

جيئڻ ڪاڻ جيڏيون،  وڏا وس ڪيام