لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ نواز جو قائد ميان محمد نواز شريف سڀاڻي  بلوچستان جي دوري تي ڪوئيٽاپهچي رهيو آهي. ان ڏس ۾ مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ سردار اياز صادق تصديق ڪئي آهي ته ميان نواز شريف سڀاڻي 14 نومبر تي ڪوئيٽا جو دورو ڪري رهيو آهي. نواز شريف جي دوري دوران ميان نواز شريف سان مخلتف سياسي اڳواڻن جون ملاقاتون رٿيل آهن. دوري دوران ميان شهباز شريف ۽ مريم نواز پڻ نواز شريف سان گڏ هوندا.