ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ 20 هين گريڊ جي سينيئر آفيسرن کي پوسٽنگ ڏيڻ بجاءِ تازو 20 هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙ نواز سوهو تي نوازش، سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز مقرر، ان ڏس ۾ ورڪس کاتي جي سيڪريٽري عمران عطا سومرو جي لاڏاڻي بعد سنڌ حڪومت پاران تازو 20هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙ نواز سوهو کي سيڪريٽري ورڪس مقرر ڪيو ويو آهي، نواز سوهو هن وقت صحت کاتي ۾ اسپيشل سيڪريٽري واري عهدي تي مقرر ٿيل هو، جتان کيس بدلي ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته 20هين گريڊ جي تميز کيڙو، نسيم غني سهتو سميت 5 کان وڌيڪ سينيئر آفيسر پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل آهن. ٻئي طرف سنڌ حڪومت ورڪس کاتي جي 4 انجنيئرن کي 20هين گريڊ ۾ چيف انجنيئر طور ترقي ڏني آهي، ترقيون ماڻيندڙن ۾ مقصود ميمڻ، شير محمد مهيسر،  نياز ميمڻ ۽ عبدالسلام ميمڻ شامل آهن