نوابشاهه ڀرسان ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، نينگر فوت

0
218
مورو ويجھو روڊ

نوابشاهه (ن پ ا) نوابشاهه ۾ 60 ميل ناڪي وٽ ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، نتيجي ۾ نينگر فوت ٿي ويو، حادثي ۾ 10 ورهين جو منتظر پٽ سڪندر سولنگي فوت ٿي ويو، فوتي نينگر جو والد لاش کڻي پريس ڪلب پهچي ويو، احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، فوتي نينگر جي والد جو چوڻ هو ته ظلم ڪيو ويو آهي، حادثن کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، انصاف فراهم ڪيو وڃي.