لاڙڪاڻو (رپورٽ :نويد لاڙڪ) ٻليءَ کي کير جي نگراني ڏيڻ جھڙو سنڌ حڪومت جو اھم ڪارنامو سامھون اچي ويو آهي. پنهنجي اداري اندر ليڊي ليڪچرار طرفان حراسمينٽ جي الزام هيٺ آيل وائيس چانسلر کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج  جي ٻن شاگردياڻين نمرتا ۽ نوشين جي موت وارن واقعن جي جاچ ڪاميٽي جو ميمبر بڻايو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي سنڌ حڪومت جي يونيورسٽيز ۽ بورڊ کاتي گذريل رات نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو جنهن ۾ ٽه رڪني جاچ ڪاميٽي ٺاھيل ڏيکاري وئي آهي. انھيءَ جاچ ڪاميٽي ۾ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه جي وائيس چانسلر پروفيسر سليم رضا سمون کي ميمبر طور رکيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته وي سي سليم رضا سمون تي پنهنجي ئي اداري جي ليڊي ليڪچرار منيبا ميمڻ طرفان هراسمينٽ جو الزام عائد آهي. آئي ٽي جي ليڪچرر منيبا ميمڻ 2020 ۾ وي سي خلاف يونيورسٽي جي هراسمينٽ سيل سميت حراسمينٽ سيل اسلام آباد ۽ وزير اعلي سنڌ کي درخواستون موڪلي چڪي آهي. جيڪي درخواستن واريون ڪاپيون هٿ ڪيون ويون آهن. ڄاڻايل ليڊي ليڪچرار کي اڃا تائين انصاف نه ملي سگهيو آهي. هراسمينٽ جي الزام هيٺ آيل وي سي سليم رضا سمون کي نمرتا نوشين واقعن جي جاچ ڪاميٽي ۾ شامل ڪرڻ سان ڪيترن ئي سوالن جنم ورتو آهي. هوڏانهن ٽه رڪني جاچ ڪاميٽي جي عورت ميمبر جاچ واري مدي 45 ڏينهن کان اڳ رٽائرڊ ٿي رھي آھي. ذريعن موجب لمس جي ڊاڪٽر ساجدہ يوسفاني ايندڙ مھيني 5 مارچ تي رٽائرڊ ٿي رھي آھي. جنھن جي نوڪري واري مدي ۾ رڳو 18 ڏينهن رھيا آھن. جڏهن ته سنڌ حڪومت 2 ڏينهن اڳ 13 فيبروري تي 45 ڏينهن ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ھو. ذريعن جو اھو به چوڻ آهي ته پروفيسر ساجده قانوني طور تي وائيس چانسلر خلاف جاچ نه ٿي ڪري سگهي.