لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) شهيد محترمه بينظير  ميڊيڪل يونيورسٽي جي سينيئر پروفيسر حاڪم علي ابڙو ايڪٽنگ وائيس چانسلر طور چارج وٺي ڇڏي. ان موقعي تي پروفيسر حاڪم علي ابڙو چيو ته آءُ سمورين اسٽيڪ هولڊرس ۽ ميڊيا کي پڻ ساڻ کڻي هلندس ۽ منهنجا دروازا فيڪلٽي، ملازمن ۽ شاگردن لاءِ هر وقت کليل رهندا. هن چيو ته ڪورونا جي مسلسل پابندين کان پوءِ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ مارچ جي آخري هفتي ۾ هم نصابي سرگرمين جي شروعات ڪندي راندين جو هفتو ملهائي رهيا آهيون جيئن تعليمي سرگرمين سان گڏوگڏ شاگردن جي ذهني ۽ جسماني اوسر پڻ ٿي سگهي ۽ يونيورسٽيءَ ۾ صحتمند سرگرمين جي شروعات ٿي سگهي. پروفيسر حاڪم علي ابڙو چيو ته روايت موجب 28 فيبروري تي اسان نئين داخل ٿيندڙ بئنچ جي پهرين ڏينهن وارو پروگرام پڻ رٿيو ويو. هن چيو ته هي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي 50 هين گولڊن جوبلي بئچ آهي ان سان گڏوگڏ پهرين مارچ کان ڪلاسن جي شروعات ڪئي ويندي.