لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سنڌ ۽ ينگ ڊاڪٽرز ايسوسئيشن پاران بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا ڪماري ۽ چانڊڪا ميڊيڪل  ڪاليج جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نوشين جي خون سان انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي سول اسپتال جي او پي ڊي اڳيان پهچي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي پي ايم اي سنڌ جي اڳواڻن ڊاڪٽر اڪرام ونيو، ڊاڪٽر شاهه بيگ، ڊاڪٽر ديالي گل، ڊاڪٽر ڌرم پال، سريش چنداڻي، واءِ ڊي اي ضلعي صدر ڊاڪٽر فضل کوسو، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر فهيم خشڪ، ڊاڪٽر ارشاد ابڙو، ڊاڪٽر عبدالحليم ڇڄڙو، ڊاڪٽر زمان ملاڻو، ڊاڪٽر زاهد مغيري ۽ ٻين چيو ته لمس ڄامشوري طرفان ڊاڪٽر نوشين جي جاري ڪيل ڊي اين اي رپورٽ يونيورسٽي انتظاميه جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي رپورٽ اچڻ بعد هاڻي ڪو به جواز نه رهيو آهي ته چانڊڪا جي قاتل وي سي انيلا عطاءُالرحمان کي شاگردياڻين جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪري ملوث ٻين جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.