ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سنڌ ڪابينا جو اجلاس خميس 17 فيبروري تي طلب  ڪري ورتو اجلاس ۾ صحت کاتي جا وڌيڪ 19 رورل هيلٿ سينٽرن ( آر ايچ سيز ) پي پي ايچ آءِ حوالي ڪرڻ، ڊي ايچ اوز کانپوءِ پرڳڻي جي مختلف سرڪاري اسپتالن جي 20 گريڊ جي ايم ايس جي پوسٽن کي فلوٽنگ قرار ڏئي اتي 19 گريڊ جا آفيسر مقرر ڪرڻ، انڊسٽريز کاتي توڙي صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي لاءِ سرڪاري گاڏين جي خريداري جي منظوري ورتي ويندي، اجلاس ۾ ڪراچي ميٽرو پوليٽن ورسٽي جي قيام، ڪي ايم سي جي ميئر کي ڪراچي واٽر بورڊ جي چيئرمين  ۽ ڪي ڊي اي جي گورننگ باڊي جي ميمبر طور مقرري واري معاملي کي به غور هيٺ آندو ويندو، انهي سان گڏ سنڌ پيٽروليم ڪمپني (پرائيوٽ) ليميٽڊ جي سي اي او طور ناليواري تعليمي ماهر ۽ دائود انجنيئرنگ ورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فيض الله عباسي جي مقرري جي منظوري ڏني ويندي، اجلاس ۾ مجموعي طور تي 17 ايجنڊائون شامل ڪيون ويون آهن.