ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سي اين جي اسٽيشنز کي اڍائي مهينن کانپوءِ   آر ايل اين جي گيس جي فراهمي بحال ٿي وئي، ان ڏس ۾ سوئي گيس انتظاميا موجب آر ايل اين جي تي هلندڙ سي اين جي اسٽيشنز کي گيس جي فراهمي شروع ڪئي وئي آهي، سياري جي موسم ۾ گيس جي کپت ۾ اضافو ٿي ويو هو، جنهن سبب سنڌ ۽ بلوچستان جي سي اين جي اسٽيشنز کي پهرين ڊسمبر کان گيس فراهمي بند ڪئي وئي هئي.