کورواھ (ن پ ا) کورواھ ويجھو ڳوٺ ملاحسن ڀرسان تيل ۽ گئس جو وڌيڪ  هڪ ذخيرو ھٿ آيو آهي، جنهن لاءِ کوٽائي جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، نوان ذخيره هٿ اچڻ کانپوءِ علائقي ۾ تيل ۽ گئس جي کوھن جو تعداد 26 کان وڌي ويو آهي. گئس ۽ تيل جا کوھ ھجڻ باوجود علائقو کنڊر بڻيل آهي، ھزارين بيريل روزانو تيل ۽ گئس ڏيندڙ ملاحسن ۽ کاريون جي علائقي جا ڪيترائي ڳوٺ بنيادي سھولتن کان وانجھيل آهن. تيل ۽ گئس سان مالا مال علائقي جي ڳوٺن ملاحسن بجاري شريف سلطان پھنور ڏاتو پهنور نورمحمد مري دلشاد مري حاجي عثمان ملاح حاجي غلام ملاح عثمان جت خاناڻي جت سميت ڪيترائي ڳوٺ گئس صحت روڊ پئيڻ جي صاف پاڻي ۽ ڊرينيج جي سھولت کان محروم آهن. ڳوٺاڻن نورمحمد ميون امير آزاد پھنور اعجاز ملاح ۽ ٻين پھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته تيل ڪمپني يونائيٽيڊ اينرجي آف پاڪستان جا ھن وقت ملاحسن ۽ کاريون جي علائقي ۾ 26 کان مٿي تيل ۽ گئس جا کوھ ھلڻ باوجود علائقو کنڊر بڻيل آھي. تيل ڪمپني گذريل 35 سالن کان ھنن علائقن ۾ ڪم ڪري رھي آھي پر تيل ڪمپني پھنجي رائلٽي مان ھنن علائقن ۾ گئس صحت روڊ پئيڻ جي پاڻي سميت ڪابه بنيادي سھولت نه ڏني آھي. ڳوٺاڻن سنڌ ھاء ڪورٽ ۽ وسوارن کان مطالبو ڪيو آھي تہ ڊي سي بدين ۽ لاڳاپيل ادارن جي عملدارن کي گھرائي ڳوٺن کي تيل ڪمپني جي رائلٽي مان بنيادي سھولتون ڏياريون وڃن.