نصرالله گڏاڻيءَ جي شهادت ۽ ڪجهه جواب طلب سوال

0
32
نصرالله گڏاڻيءَ جي شهادت ۽ ڪجهه جواب طلب سوال

 صحافي نصرالله گڏاڻيءَ کي شايد چڱي ريت ڄاڻ هئي ته جن ظالمن خلاف هو مظلومن جو سگهارو آواز بڻجي رهيو آهي، اُهي کيس هميشه لاءِ خاموش ڪرائڻ لاءِ ضرور سرگرم هوندا پر هو پوءِ به ڊڄڻ وارو نه هو، جنهن جو ثبوت اُن جون اڻ ڳڻيون وڊيوز، پوسٽون سوشل ميڊيا تي موجود آهن، جنهن ۾ هو سرِ عام وقت جي ظالم وڏيرن، ڀوتارن، عوام مٿان ظلم ڪندڙ پوليس آفيسرن توڙي چونڊيل نمائندن کي للڪاريندڙ آهي. شهيد نصرالله گڏاڻيءَ پنهنجي ڌرتي، وسيلن جي مالڪيءَ جي حوالي سان به انتهائي سنجيدا هو. نصرالله گڏاڻيءَ جو چوڻ هو ته منهنجو سافٽ ويئر ڪو اپڊيٽ نٿو ڪري سگهي، ها البته هارڊ ويئر ختم ڪرڻ الڳ ڳالهه آهي، منهنجي سنڌ سان محبت آهي. زندگي ۽ موت سنڌ لاءِ آهي. اِن قسم جون ڳالهيون سوشل ميڊيا تي اُهو ئي ڪندو آهي، جنهن کي ٿريٽ هجن، جنهن کي ڌمڪايو ويو هجي. نصرالله گڏاڻيءَ جو ذاتي ڪنهن سان به ڪو جهيڙو، تڪرار نه هو. صحافتي لحاظ کان هن مظلومن جو آواز بڻجي سگهاري قوتن ۽ دشمن جو رخ پاڻ ڏانهن موڙيو. هن جو تلخ لهجو، کريون ڳالهيون ڪنهن کي به نه وڻنديون هيون. جيئن شهيد صحافي نصرالله گڏاڻيءَ مٿان قاتلاڻي حملي کان پوءِ هڪ جملو آهي: “ڀوتار- ماءِ فوٽ”. اهو جملو گهڻو وائرل ٿيو آهي، اهڙي طرح هن جون سنڌ ڌرتيءَ سان محبت، وسيلن جي مالڪي، وسيلن تي قبضن متعلق به وڊيوز سوشل ميڊيا جي زينت بڻيل آهن. 18 مئي تي نصرالله گڏاڻيءَ پنهنجي وال تي هڪ پوسٽ شيئر ڪندي چيو هو ته، “ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه ۾ ڪا چڱائي جي اميد نه سمجهو. هڪ ته ڪرپٽ هجڻ سان گڏ وڏيرن جو سڀني کان وڏو ڪمدار آهي، ٻيو ته هن ڪنهن ظالم قاتل توڙي چور پوليس آفيسر خلاف ڪڏهن ڪارروائي به ناهي ڪئي”. مطلب ته شهيد نصرالله ڀوتارڪي، وڏيرڪي نظام ۽ ظلم جي خلاف بنا ڪنهن خوف جي آواز اُٿاريندو هو.

6 ڏينهن اڳ سينيئر صحافي نصرالله گڏاڻيءَ مٿان هٿياربند قاتلاڻو حملو ڪري کيس زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جِتي ڊاڪٽرن صحافيءَ جي طبيعت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي، جنهن کانپوءِ صحافين توڙي صحافيءَ جي وارثن پاران کيس ايئر ايمبولينس ذريعي ڪراچي منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. پر ٻڌايو پيو وڃي ته اُتان جي ڊاڪٽرن چيو ته صحافي نصرالله جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، جيڪو وينٽيليٽر تي آهي، تنهن ڪري کيس منتقل ڪرڻ انتهائي خطرناڪ عمل آهي. پر اِن باوجود سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته صحافيءَ کي منتقل ڪرڻ لاءِ ايئر ايمبولينس ڏني وڃي. سنڌ حڪومت هاڪاريءَ ۾ جواب ته ڏنو پر عملي طور تي ايئر ايمبولينس ڏيڻ جي لاءِ تحرڪ نه ورتو، نتيجي ۾ شهيد جي هڪ دوست 14 لک روپيا ڪِرايو ڀري کيس ڪراچي جي نجي اسپتال منتقل ڪيو. پهريان طبيعت سڌرندڙ ٻڌائي وئي پر اوچتو خبر آهي ته بهادر صحافي نصرالله گڏاڻي انتقال ڪري ويو آهي. اهڙي خبر باهه جيان پوري سنڌ ۾ پکڙجي وئي. ميرپور ماٿيلو شهر سوڳ ۾ مڪمل طور تي بند ٿي ويو، مختلف هنڌن تي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. ڪراچي کان مڙهه اباڻي ڳوٺ آندو ويو، جِتي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪري شهيد کي ڀيٽا پيش ڪئي. منهنجي ڳالهه ٿي سگهي ٿو ڪنهن کي خراب لڳي ته اسان مرده پرست ماڻهو آهيون، جڏهن صحافي نصرالله گڏاڻيءَ کي عوام جي ساٿ جي ضرورت هئي پر افسوس ڪنهن اُن جو ساٿ نه ڏنو، حق سچ ڳالهائڻ تي چند دوستن کي ڇڏي باقي ڄڻ هو اڪيلو رهجي ويو هو. هن جون تلخ ڳالهيون گهٽ ماڻهن کي وڻنديون هيون. جنازي نماز ۾ شريڪ هزارين ماڻهو جيڪڏهن حق ۽ سچ جي واٽ تي هلندڙ سينيئر صحافي سان گڏ هجن ها ته شايد اهڙو ڏينهن نه اچي ها. نصرالله گڏاڻي صحافتي اڳواڻن جيان عيش و عشرت جي زندگي نه گذاريندو هو، جنهن جو گهر به منهنجي خيال ۾ صحافتي ليڊرن اُن جي شهادت کان پوءِ ئي ڏٺو هوندو، ڇو جو زندگيءَ ۾ ته انهن صحافتي ليڊرن کي پنهنجي حق ۾ نعرا هڻندڙ صحافين کان سواءِ ڪو صحافي وڻندو ئي ناهي. سوشل ميڊيا تي حق ۽ سچ لکڻ دوران صحافي نصرالله گڏاڻيءَ کي هڪ دوست ڪمينٽس ڪندي چيو هو ته، “او ادا غريب جا ٻار، پنهنجي ٻچن جو سوچ. ظالمن سان سرِ عام بغاوت توهان جي ڳچيءَ ۾ پوندي”. جنهن جي جواب ۾ شهيد نصرالله گڏاڻيءَ لکيو هو ته، “منهنجي ٻارن لاءِ منهنجو رب آهي”.

هِتي هڪڙي ڳالهه واضح ڪندو هلان ته شهيد صحافي کي چار گوليون لڳيون، جنهن کي رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان جي انتظاميا آپريشن ذريعي گوليون ڪڍڻ جي دعوا ڪئي، جنهن کانپوءِ ايئر ايمبولينس ذريعي شهيد صحافي کي ڪراچي جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو، انهن به جسم ۾ گولي موجود هجڻ جي ڪا نشاندهي نه ڪئي پر جڏهن شهيد صحافي نصرالله گڏاڻيءَ جي شهادت کان پوءِ لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ميرپور ماٿيلي پهتو ۽ پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر انڪشاف ڪيو ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻيءَ جي جسم ۾ هڪ گولي ڦاٿل آهي، جنهن مان رحيم يار خان ۽ ڪراچي جي نجي اسپتال انتظاميا جي سنجيدگيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن جديد دور ۾ جسم اندر سنهڙي سُئي موجود هجڻ جي به نشاندهي ٿي وڃي ٿي، اُتي گوليءَ جي نشاندهي ڪيئن نه ٿي هوندي؟ ڇا اِن ڪري ڊاڪٽرن جي صرف غفلت چئجي؟ ڇا اِن عمل پٺيان ڪي اهڙيون وڏيون طاقتون آهن، جيڪي شهيد صحافي جي بچي وڃڻ کان خوفزده هيون؟ ڇا هن دور ۾ ڊاڪٽرن جو ‘وڪرو’ ٿيڻ مشڪل آهي؟ ڇا پوليس پنهنجي جاچ ۾ ڄاڻايل ٻنهي اسپتال جي ذميوار ڊاڪٽرن کي به شامل ڪندي؟

شهيد صحافي نصرالله گڏاڻيءَ جا قاتل هن وقت تائين پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جيئن شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس کي پوليس زميني تڪرار ڄاڻائي خراب ڪرڻ جي مڪمل ڪوشش ڪئي. تيئن ئي شروعات ۾ ئي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻيءَ جي ڪيس جو رخ ئي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن وقت تائين اِن ۾ پوليس ناڪام ٿي آهي. ذريعا ٻڌائين ٿا ته شهيد صحافي کي هڪ ڪڌي، مدي خارج رسم جي الزام هيٺ پوليس قتل ڄاڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سامهون واري ڌر پوليس آڏو انڪار ڪيو ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. نصرالله گڏاڻي هڪ سچو صحافي ۽ اسان جو ڀاءٌ هو. ذريعن موجب ته پوليس جي اُها حڪمت عملي تي رُڪجي وئي آهي، هن وقت تائين شڪ جي بنياد تي پوليس 18 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن ۾ هڪ عورت به شامل آهي، پر پوليس آفيشل طور تي قاتلن تائين پهچڻ متعلق ڪو به بيان ناهي ڏنو. سوشل ميڊيا تي هڪ ايم اين اي ۽ سندس پٽ جو نالو الزام هيٺ کنيو پيو وڃي. ڊي آءِ جي سکر پير محمد

شاهه به واضح بيان ڏئي چڪو آهي ته جيڪڏهن قتل ڪيس ۾ ڪو ڀوتار يا سردار به ملوث نڪتو ته اُن کي گرفتار ڪيو ويندو. سنڌ حڪومت توڙي چونڊيل نمائندا اعلانن ۽ عوام کي سنهرا خواب ڏيکارڻ کان علاوه عملي قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهن. جيڪڏهن سنڌ حڪومت سنجيده هجي ها ته شهيد جان محمد مهر جا قاتل جيڪي قتل ڪيس ۾ نامزد آهن، اُهي قانون جي گرفت ۾ هجن ها. جيڪڏهن حڪومت سنجيدا قدم کڻي ها ته شهيد جان محمد مهر جي قتل ۾ ملوث ڳجها هٿ ظاهر ٿي وڃن ها. پر افسوس سنڌ حڪومت هميشه دعوائن، مذمت ڪرڻ توڙي وقتي بيان ڏيڻ کان سواءَ عملي قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي هوندي، تنهن ڪري لڳي ائين ٿو ته شهيد نصرالله گڏاڻي واري ڪيس ۾ به ڪنهن کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻايو ويندو. باقي اصل قاتلن تائين پوليس جو پهچڻ مشڪل ٿو لڳي. شهيد نصرالله گڏاڻيءَ جي وارثن سان پوليس ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي، امڪان آهن ته اڄ رات تائين ايف آءِ آر داخل ٿي ويندي. ڇا ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان پوءِ اصل قاتل گرفتار ٿيندا؟ ڇا پوليس اسپتال انتظاميا جي سنگين، مجرماڻي غفلت واري معاملي ۾ امڪان طور تي پٺيان لڪل ڳجهن هٿن کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙيندي؟ شهيد جان محمد مهر، اجي لالواڻي، عزيز ميمڻ سميت ٻين صحافين جي قتل وارن ڪيسن ۾ غير سنجيده نظر ايندڙ پوليس هن ڀيري سنجيدگي اختيار ڪندي؟ هر ڇهين مهيني صحافي قتل ڪيو پيو وڃي. ڇا صحافتي تنظيمون سياست کي ڇڏي سنجيدگيءَ سان سوچينديون؟ ڇا صحافين جي قتلن توڙي حملن وقت گروهي سياست کي ڇڏي هڪ ٽيبل تي ويهي صحافتي تنظيمون حڪمت عملي تيار نٿيون ڪري سگهن؟ ڇا اڃا اِهو وقت ناهي آيو جو صحافي پاڻ ۾ متحد ٿين؟ ڇا صحافتي تنظيمون ٻڌائينديون ته حڪومتن کان وڏي رقم ڪهڙي مقصد لاءِ وٺنديون آهن؟ جيڪڏهن صحافين جي فلاح بهبود لاءِ اها رقم ايندي آهي ته ڇو شهيد صحافي نصرالله گڏاڻيءَ جي ايئر ايمبولينس لاءِ اُن جي دوست رقم ادا ڪئي؟ صحافتي تنظيمون ڪٿي هيون؟ تنهن ڪري صحافتي تنظيمن کي گهرجي ته شهيد جان محمد مهر، شهيد نصرالله گڏاڻي سميت ٻين شهيدن جي خون سان انصاف لاءِ هڪ پليٽ فارم تي گڏجن ۽ تاريخي جدوجهد هلائين.