ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس  ناظم جوکيو قتل ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪري جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ چالان پيش ڪري ڇڏيو، انهي کان اڳ ڪيس  جو چالان دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو، خاص عدالت ڪيس کي سندن دائري اختيار کان ٻاهر قرار ڏيندي ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪري لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. پوليس پاران  ٽيون ڀيرو پيش ڪيل چالان  ۾پ پ ايم پي اي ڄام اويس عرف گهرام، ۽ سندس وڏي ڀاءُ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم بجار، سليم سالار، دودا خان، محمد سومار، عبدالرزاق، جمال، معراج، محمد خان، محمد اسحاق، احمد خان، عطا محمد ۽ محمد زاهد سميت 13 جوابدارن جا نالا ڪڍي رڳو ٽن ملازمن کي قتل ۾ ملوث قرار ڏنو ويو آهي. جن مان هڪ جوابدار نياز کي روپوش ۽ 2 جوابدارن حيدر علي ۽ مير علي کي گرفتار ڄاڻايو ويو آهي.جاچ آفيسر پاران پيش ڪيل چالان سان گڏ مقتول جي پوسٽ مارٽم رپورٽ، پنجاب فرانزڪ ليب جي رپورٽ، ڊي وي آر، مقتول جو سڙيل موبائل فون سميت ٻيون شيون شامل ڪيون ويون آهن.