اڳوڻي ۽ موجوده قانون ۾ سمنڊ پار پاڪستانين کان ووٽ جو حق ناهي کسيو ويو: اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ

0
142
جن ميمبرز جون استيعفائون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آھي تھ اڳوڻي ۽ موجوده قانون ۾ سمنڊ پار پاڪستانين کان ووٽ جو حق ناهي کسيو ويو، بادي النظر ۾ اڳوڻي حڪومت جي ترميم سُپريم ڪورٽ جي فيصلي پٽاندڙ نه هئي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جي حق کان محروم رکڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ويا، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ جو رڳو طريقو طئه ٿيڻو آهي

ھن چيو تھ هاڻي جيڪا ترميم ٿي آهي، اُن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ جو حق ختم ناهي ڪيو ويو، درخواست تي ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪئي وئي

ھي به پڙھندا

سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ 21 هزار ڀرتين خلاف متحده جي درخواست رد ڪري ڇڏي