نارسس ازم ۽ سنڌي سماج جو تجزيو 

0
313
چين عرب اتحاد ۽ چوٿون سياسي نظريو

  نارسس ازم کي خود پرستي ۽ نرگيست پڻ چوندا آهن . اها هڪ نفسياتي ڪيفيت آهي جنهن  ۾ ماڻهو خود پرستي جو ايترو ته شڪار ٿي ويندو آهي جو نه صرف هو پاڻ کي اهم سمجهڻ لڳندو آهي پر هن جي لاءِ پنهنجي خود پرستي کان سواءِ ٻي ڪابه حقيقت  نه هوندي آهي ۽  هُن کي هر وقت ٻين ماڻهن جي  تعريف ۽ توجهه جي ضروروت پوندي آهي. ان نفسياتي مونجهاري جي شڪار ماڻهو کي ٻين سان گهٽ همدردي هوندي آهي ۽ هن کي پنهنجن رشتن نڀائڻ ۾ پڻ ڪافي مشڪلاتون اينديون آهن . نارسس ماڻهو بظاهر ڪافي پر اعتماد لڳندو آهي پر ان پراعتمادي  واري ماسڪ جي پويان هن جو حقيقي چهرو هوندو آهي جيڪو ايترو ته  ڪمزور هوندو آهي جو هو ٿوري به  تنقيد برداشت نه  ڪري سگهندو آهي.

                  نفسيات جي ماهر سيگمينڊ فرائيڊ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن نارسس ازم جي خيال کي پنهنجي سائيڪو اينالائيسس ۾ استعمال ڪري دنيا ۾ مشهور ڪيو هو.  پر هو پهريون فلسفي يا دانشور نه هو جنهن نارسس ازم تي لکيو هجي. هن اهو خيال قديم يوناني پيار جي داستان نارسس ۽ ايڪونائيف مان ورتو هو. ان ڏند ڪٿا ۾ ٻڌايو ويو آهي ته  يونان ۾ هڪ خوبرو نوجوان نارسس رهندو هو جيڪو تمام گهڻو خودپرست هو جنهن کي پنهنجي خوبصورتي کان سواءِ ٻي ڪابه شيءَ متوجهه نه ٿي ڪري سگهي.  ان ڏند ڪٿا ۾ نارسس سان گڏ هڪ تمام خوبصورت ڇوڪري به آهي جنهن جو نالو ايڪو نائيف هو، جيڪا نارسس سان پيار ڪندي هئي ۽ هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لاءِ ترڪيبون پئي ڪندي هئي پر هن جي خوبصورتي ۽ تدبيرون نارسس کي ڪڏهن به پاڻ ڏانهن متوجهه نه ڪري سگهيون. نارسس خوبصورت ڇوڪري کي ڏسڻ جي بدران هر وقت ڍنڍ جي ڪناري ويهي پاڻي ۾ پنهنجي چهري جو پاڇو ڏسندو هو. هو پنهنجي خودپرستي  ۾ ايترو ته مگن رهندو هو جو هڪ ڏينهن هو ڍنڍ جي پاڻي ۾ ڪري پيو ۽ ٻڏي مري ويو.

اها ڪهاڻي توهان مان اڪثر ماڻهن شايد ٻڌي هجي پر ان نفسياتي مرض جو انفرادي ۽ سماجي تجزيو آئون پنهنجي انداز ۾ توهان اڳيان رکڻ چاهيان ٿو. اچو ته سڀ کان پهرين ان مرض جو انفرادي جائزو وٺون. جڏهن اسان انفرادي جائزي تي غور ڪنداسين ته پوءِ اسان کي ان نفسياتي مرض جي سماجي پهلوئن کي سمجهڻ ۾ ڪافي مدد ملندي.

نارسس ماڻهو لاءِ فقط ۽ فقط هڪ ئي شيءَ حقيقت هوندي آهي ۽ اها آهي هن جو پنهنجو تشخص ۽ وجود. هن کي پنهنجي غرور، عزت ، رنج ۽ غم کان سواءِ دنيا ۾ ڪنهن به ٻي شيءَ سان سروڪار نه هوندو آهي. ڊاڪٽر ايرڪ فرام نفسيات جو وڏو ماهر آهي، هن انفرادي ۽ سماجي نفسيات تي ڪافي ڪتاب پڻ لکيا آهن. هن پنهنجي ڪتاب “پيار جو هنر” ۾ ان موضوع تي تمام سٺي روشني وڌي آهي. هن نارسس ازم کي سمجهائيندي هڪ جڳهه تي لکيو آهي ته “ماءُ اهو سمجهندي آهي ته نئون ڄاول ٻار هن سان پيار ڪري ٿو پر حقيقت ۾ اهو سچ  نه آهي. نئين ڄاول ٻار کي پنهنجي خوراڪ ۽ سيڪيورٽي جو فڪر هوندو آهي”

هر فرد الڳ آهي ۽ هو پنهنجي نارسس ازم جي ضرورتن کي الڳ طور طريقن سان حل ڪري ٿو. جابر ۽ ڊڪٽيٽر نارسس ماڻهو جو ذهن ٻين تي تشدد ڪرڻ ۽ انهن جا جائز انساني حق هڙپ ڪرڻ پسند ڪندو آهي. هو ڪڏهن به ٻين ماڻهن پاران پاڻ تي تنقيد برداشت نه ڪندو. هو تنقيد ڪندڙ ماڻهن کي جيلن ۾ بند ڪرائيندو، ايجنسين ذريعي غائب ڪرائيندو ۽ جي موقعو ملندو ته انهن کي قتل ڪرائيندو. سابق روسي سربراهه اسٽالن لاءِ مشهور آهي ته هو ڪافي ظالم حڪمران هو. هڪ ڏينهن دوما (روسي پارليامينٽ) ۾ ڪنهن ڪميونسٽ ميمبر اسٽالن تي تنقيد ڪئي. اسٽالن جي هڪ حامي ميمبر ان تي اعتراض ڪيو ۽  هن اسٽالن تي لڳل الزامن جو دفاع ڪيو. اجلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ جنهن ميمبر اسٽالن جو دفاع ڪيو اهو پهرين غائب ٿيو ۽ اسٽالن جو مخالف بعد ۾ غائب ٿيو. خيال اهو آهي ته نارسس ماڻهو کي تنقيد ڪرڻ کان وڌيڪ تنقيد کي ورجائڻ بري لڳندي آهي. اهو چوڻ مناسب نه آهي ته فقط فوجي ماڻهن جي اها ذهنيت هوندي آهي، سويلين ماڻهو پڻ ان مرض جو شڪار هوندا آهن.

ڊاڪٽر ايرڪ فرام  جي خيال ۾ ”گهڻا ماڻهو پنهنجي نارسس ازم  جو کلي نموني اظهار ڪندا آهن پر  هو ان نفسياتي ڪيفيت کان واقف نه هوندا . مثال طور هو غير ضروري طور پنهنجي خاندان جي تعريف ڪندا آهن يا وري هو پنهنجي ٻارن جي ساراهه ڪندا آهن.  هنن کي پنهنجي احساسن جي اظهار ۾ ڪابه رڪاوٽ نه ٿيندي آهي ڇو ته خاندان سان پيارڪرڻ، مائٽن ۽ وڏن جي عزت ڪرڻ ۽ وفاداري کي نڀائڻ سماج ۾ سٺو سمجهيو ويندو آهي“

نارسس ازم جا ڪجهه قسم  اهڙا به آهن جيڪي خطرناڪ نه آهن ۽ سنڌي سماج ۾ عام آهن . مثال طور تحفه  ڏيڻ، مهمان نوازي ڪرڻ، خيرات ڏيڻ يا خيراتي ادارا هلائڻ، پنهنجي واکاڻ ڪرائڻ، پاڻ پڏائڻ، پاڻ کي داتا چوائڻ ۽ ٻئي کي فقير ۽ مجبور ڏسي پنهنجي تسڪين ڪرڻ وغيره. نارسس ازم ڪن گروپن ۾ معاشي ۽ ثقافتي بدحالي جي خلا  کي پر ڪرڻ جو نفسياتي طريقو به ٿي سگهي ٿو. گروپ جيترو غريب هوندو اوترو ئي وري هو نارسس ازم جو شڪار ٿيندو. سنڌي قوم پرست سمجهندو آهي ته هو عظيم آهي ۽ موهن جي دڙي جو وارث آهي.

 سنڌ ۾ جيڪو گروپ پاڻ کي سول سوسائٽي سڏائي ٿو سو پڻ هلڪي ڦلڪي نارسس ازم جو شڪار آهي. هو خوبصورت انداز ۾ غريب ماڻهن جي ضرورتن کي پنهنجي شناخت لاءِ استعمال ڪري ٿو. هو خيراتي ادارا هلائي ٿو، ڪتابي ميلا ۽ ميڊيا ۽ ڪانفرنسون ڪرائي ٿو. انهن سڀني ڪاوشن جو مقصد هن جي پنهنجي شهرت ۽ شناخت جي گهرج پوري ڪرڻ آهي. ماسلاءُ جي ٿيوري موجب جڏهن ماڻهو پنهنجي سيڪيورٽي ۽ پيٽ جو بندوبست ڪري وٺندو آهي ته پوءِ هو سماج ۾ اعليٰ رتبي ۽ عزت جي تلاش شروع ڪندو آهي. سنڌي سول سوسائٽي ڪنهن حد تائين موجوده نطام جي پيداوار ۽  ان مان فائدا ماڻيندڙ آهي ۽ هن معاشي طور ڪافي ترقي ڪئي آهي. هاڻي جڏهن سنڌي سول سوسائٽي گهڻي حد تائين خوشحال ۽ سکي ستابي ٿي چڪي آهي ته هن جي ضرورت سماج ۾ مرتبو ۽ مڃتا ماڻڻ آهي. ٿوري دير لاءِ سوچيون ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ لاءِ چوي ته آئون امير آهيان، مون وٽ دولت آهي يا آئون ڪامياب انسان آهيان ۽ توهان منهنجي تعريف ڪريو؟ دنيا اهڙي ماڻهو کي مغرور، جاهل، بيوقوف وغيره چوندي. پر ساڳيو ماڻهو جيڪڏهن چوي ته مون کي انسانيت جو درد آهي ۽ آئون ڪا ميڊيڪل ڪيمپ، ڪا خيراتي ڪلينڪ يا اسڪول کولڻ چاهيان ٿو ته اسان ان ماڻهو جي ساراهه ڪنداسين ۽ هن کي دکي انسانيت جو مسيحا چونداسين.

 گروپ نارسس ازم فقط سول سوسائٽي، امراءُ يا سياستدانن ۾ ڪونهي پر غريب ۽ عام ماڻهو به ان کان بچيل ڪونهي. عوامي نارسس ازم جو هڪ پهلو تششدد ۽ جارحيت هوندو آهي جيڪو انتهائي خطرناڪ آهي. ان قسم جو نارسس ازم ۽ ان سان جڙيل تششدد بر صغير جي ماڻهن  ۾ برطانوي دورجي خاتمي ۽ ورهاڱي واري دور ۾ ڏسڻ ۾ آيو هو. پاڪستان جي ويجهڙ واري تاريخ ۾ ان جو اظهار سنڌي مهاجر فسادن ۽ تحريڪ طالبان واري پرتشدد وارداتن ۾ پڻ نظر اچي ٿو .بقول ڊاڪٽر ايرڪ فرام جي ”گروپ نارسس ازم انساني تششدد ۽ جارحيت جو سب کان اهم ذريعو هوندوآهي….بي رحم، خوني ۽  پرتششدد قتل عام جهڙا ڪرتوت، جيڪي هندو ۽ مسلمانن انڊيا جي ورهاڳي وقت ڪيا يا وري ان کان پوءِ بنگالي مسلمانن ۽ انهن جي پاڪستاني حڪمرانن، انهن واقعن ۾ گروپ نارسس ازم اهم ڪردار ادا ڪيو هو. اسان کي حيران نه ٿيڻ گهرجي جو اها عوام دنيا جي سڀ کان غريب ۽ تباهه حال عوام هئي؟ ها اهو ضرور هو ته فقط گروپ نارسس ازم ان تشدد جو اڪيلو سبب ڪونه هو“

ڇا نارسس ازم جو ڪو علاج آهي؟ آئون ان جو جواب ڏيڻ جي قابل نه آهيان. ها ايترو عرض ضرور ڪندس ته اسان کي پنهنجي عملن تي غور ڪري پاڻ کان سوال پڇڻ گهرجي ته ڇا اهو عمل نارسس ازم جي اثر هيٺ ته نه ڪري رهيا آهيون. شايد ان سان اسان پنهنجي نارسس ازم کي سمجهي  سگهون.