نئون ڪوٽ واقعو: عدالت پاران گرفتار ڪيل 9 جوابدار جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

0
281

ميرپورخاص (ن پ ا) نئون ڪوٽ ۾ مبينا اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ واري واقعي ۾ الزام ھيٺ  گرفتار ٿيل 9  جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ، جڏهن ته متاثر ناريون عدالت ۾ پيش ٿيون

پوليس گرفتار ڪيل جوابدارن رسول بخش ٽنگڙي، مير ٽنگڙي ، مير محمد ٽنگڙي ، اڪرم ٽنگڙي ، علي بخش ٽنگڙي ، جلال ٽنگڙي ، دلبر ٽنگڙي ، نواب ۽ نظر ٽنگڙي کي سول جج ٽو ڊگهڙي جي عدالت ۾ پيش ڪري هڪ ڏينهن جو جسماني رمانڊ ورتو

پيشي جي موقعي تي متاثر ناريون پنهنجي وارثن سان گڏ ڊگهڙي عدالت ۾ پيش ٿيون، عدالت جوابدار ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي پوليس کي سڀاڻي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو

متاثر ناريون به سڀاڻي عدالت ۾ پيش ٿي ڪري 164جو بيان ڏينديون، متاثر ناري جي امڙ  عورت صغري راجپوت عدالت ٻاهران صحافين اڳيان لڙڪ لاڙيندي چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي

هن چيو آهي ته پوليس جي سُستي جي ڪري اسان کي اميد ناهي ته اسان کي انصاف ملي سگهندو، پوليس اڃان تائين مُک جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي

هن چيو ته جوابدار ڌرين کي با اثر ڌرين جي سپورٽ حاصل آھي، ان ڪري پوليس مک جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري، اسان کي ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، هن وقت اسان خوف واري زندگي گذاري رهيا آهيون

ھي به پڙھندا

 

پٽ جي اولاد جي خواھش: عامل جي چوڻ تي عورت جي مٿي ۾ ڪوڪو ھڻي ڇڏيو