نئون ديرو (ن پ ا) جيل ۾ قيد ڏوھارين پاران نئون ديرو جي واپارين کي ڀتي لاءِ چٺيون اماڻيون ويون، جنهن ڪري واپارين ۾ بيچيني ڦهلجي وئي آهي، ان ڏس ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي پاران پوليس جي مجرماڻي خاموشي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي تحريڪ هلائڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. شهري ايڪشن ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پ پ شهيد ڀٽو، جي يو آءِ، پي ٽي آءِ، فنڪشنل ليگ، قومي عوامي تحريڪ، جسم، سنڌي ادبي سنگت، جماعت اصلاح المسلمين، هندو پنچائت، مزدور اتحاد، تحريڪ نفاذ فقه جعفريه ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي غلام حيدر ناريجو، جاويد ڀٽو، سليم چنا، مشتاق ڪنڀر، صاحب شيخ ۽ ٻين چيو ته بدامني، ڀتا خوري ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته چٺيون موڪليندڙ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.