نئون ديرو هائوس تي ڊيوٽي ۾ غفلت سب انسپيڪٽر سميت چوڪي عملو معطل.

0
328

لاڙڪاڻو: بلاول ڀٽو زرداري جي هائوس اندر موجودگي دوران ڊيوٽي ۾ غفلت ڪرڻ تي ڪوبان 14 تي مقرر سب انسپيڪٽر ممتاز راهوجو سميت اهلڪار معطل ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب بلاول جي سيڪيورٽي ۾ رکيل آفيسر ڊيوٽي بدران ننڊون ڪندا رھيا. ڀٽو ھائوس نئون ديرو جي پڪٽ ڪوبان ون تي مقرر ايس ايڇ او آريجا سب انسپيڪٽر ممتاز راھوجو، پوليس ڪانسٽيبل ارشاد ابڙو ۽ عالم مغل ڊيوٽي تان غير حاضر ھئا، جنھن تي ڀٽو ھائوس جي شڪايت بعد ڊي آء جي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺندي فوري طور تي کين معطل ڪري ڇڏيو آھي جنھن بعد ٻيا اھلڪار ڪوبان ون تي مقرر ڪيا ويا آھن.