ٺٽو (رپورٽر) گھارو جي ٽن ڳوٺن آمڙا، جوکيا ۽ ٽانڪ جي متاثر ڳوٺاڻن غلام رسول آمڙو، جلال جوکيو، خميسو آمڙو، ٻڍڙي عورت لکان جوکيو، فاطما آمڙو، غلام حسين ٽانڪ ۽ ٻين مڪلي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيندي چيو ته بااثرن اسان جي ڳوٺ جي زمين تي قبضي لاءِ 17 پيرسن عورتن سميت 50 ڳوٺاڻن تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي ۽ ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آھن، ھنن چيو ته تعلقي ميرپور ساڪرو جي يوسي چوبندي ۾ 504 ايڪڙ ايراضي زمين جا لينڊ مافيا ڪوڙا کاتا ٺھرايا آهن، نوٽيس وٺي ڪيس ختم ڪري قبضو ختم ڪرايو وڃي.