هالا (ن پ ا) ھالا مان پيشي تي ويندي رستي مان اغوا ڄاڻايل ارباب برادري جي پنجن ماڻھن جي بازيابي لاءِ ٻئي ڏينهن به رھائي ڪميٽي ۽ ھالا جي سياسي سماجي ساڃاھ وند ڌرين پاران طرفان احتجاج ڪيو ويو. ڪامريڊ قربان ارباب، عبدالرشيد ڏيٿو، سردار اياز ميمڻ، عبدالفتاح ڳاھوٺي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھالا پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن چيو ته ٽي ھفتا اڳ ھالا کان مٽياري سيشن ڪورٽ ويندي ارباب برادري جي پنجن ماڻھن غلام محمد ارباب. رشيد ارباب. نصير ارباب. اياز ارباب ۽ رضا چانڊيو کي رستي مان نامعلوم ماڻهو اغوا ڪري ويا ھئا جن جو مٽياري پوليس اڃا تائين ڏس پتو نه لڳائي سگھي آھي. ھنن چيو ته ھڪ ئي وقت پنجن ماڻھن جي اغوا ٿي وڃڻ جي ڪري مغوين جي گھرن ۾ روڄ راڙو متل آهي ۽ ارباب برادري ۾ سخت ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي. ھنن چيو ته مٽياري پوليس امن امان جي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي جنھن جي ڪري ارباب برادري جا اغوا ٿي ويل ماڻھو اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. مغوي آزاد ڪرايا وڃن، ٻي صورت ۾ اسان جي احتجاج جو سلسلو جاري رھندو.