مٽياري: ٻارڙي جي اغوا ۾ پوليس اهلڪار ۽ سندس زال سميت چار ڄڻا ملوث نڪتا، سڀ سوگها

0
161

مٽياري(ن پ ا) سيکاٽ مان اغوا ٿيل ٻارڙي جي اغوا ۾ پوليس سپاهي ۽ سندس زال سميت چار ڄڻا اغوا ڪار نڪتا، سيکاٽ مان ست ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل تازو ڄاول ٻار ڀٽ شاهه مان هٿ ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي جو چوڻ آهي هت سيکاٽ پوليس ڀٽ شاهه ۾ ڪاروائي ڪري ٻار کي اغوا ڪندڙ زال مڙس کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ٻار کي اغوا ڪندڙ ۽ وٺندڙ شهناز بروهي، نظيران، پوليس سپاهي تاج محمد ۽ علي گل کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگهيوموجب اغوا ڪندڙن وٽان ٻار کي به هٿ ڪيو ويو، جوابدار تاج محمد عرف تاجو پوليس اهلڪار آهي ۽ سندس زال نطيران ٻار کي کنيو هو، جنهن ٻار کڻڻ بعد شهناز بروهي ۽ سندس مڙس علي گل بروهي کي ڏنو هو، ٻارڙي جي عمر اٽڪل ست سال آهي، جيڪو سيکاٽ جو رهواسي آهي.