مٺياڻي (ن پ ا) مٺياڻي ٻانڌي اسٽاپ تي هٿياربندن پراڻي تڪرار تان فائرنگ ڪري 40 ورهين جي سڪندر پنهور کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب نوجوان جو والد ڳوٺ خميسو خان پنهور واسي پيرسن غلام شبير پنهور سخت زخمي ٿي پيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ ورتا، جڏهن ته ايمبولنس نه ملڻ ڪري پوليس لاش ۽ زخمي کي ڊاٽسن ذريعي رورل هيلٿ سينٽر مٺياڻي منتقل ڪيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، ان حوالي سان ايس ايچ او مٺياڻي بخشل ملاح ٻڌايو ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي، مقتول جا وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪنداسين، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون. ٻي طرف مقتول جي والد زخمي غلام شبير پنهور ٻڌايو ته پراڻي خوني تڪرار تان ڀائٽين پٽ کي قتل ڪيو آهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.