ميھڙ واقعي تي ٻڌڻي: برادرين جو پاڻ ۾ جهيڙو هلندڙ آهي: برھان چانڊيو جو وڪيل

0
199

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميهڙ ۾ اُم رباب چانڊيو جي قتل ٿيل ٽن گهر ڀاتين واري معاملي تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي شروع ٿي وئي آھي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايم پي اي سردار چانڊيو، برهان چانڊيو ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي جاري آھي، ڪيس جي فريادڻ اُم رباب چانڊيو به عدالت پهچي وئي

عدالت ۾ برھان چانڊيو جي وڪيل جو چوڻ ھو تھ شڪايت ڪندڙ ڪرم الله چانڊيو پاڻ 17 قتلن ۾ ملوث آهي، اُهو رڪارڊ مليو آهي

برھان چانڊيو جي وڪيل موجب برادرين جو پاڻ ۾ جهيڙو هلندڙ آهي، ڪيترائي ڀيرا ٺاهه به ٿيو هو

ھي به پڙھندا

ميھڙ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي: سردار ڪيس کان ڀڄي رھيا آھن: ام رباب چانڊيو

ام رباب گهر ڀاتي قتل ڪيس: برهان چانڊيو کي آخري مهلت