دادو ( رپورٽر ) ميهڙ جي ڳوٺ اگهاماڻي ۾ مسمات صاحبان تي ماني ۾ دير جو بهانو بڻائي مڙس ۽ ڏيرن مبينا تشدد ڪيو ۽ لتن، مڪن، لٺين سان وحشياڻو تشدد ڪري کيس زخمي ڪري وڌو، تشدد سبب مسمات صاحبان جو 5 مهينن جو حمل پڻ ضايع ٿي ويو آهي. متاثر عورت کي تعلقي اسپتال ميهڙ ۾ آندو ويو، جتان کيس ريفر ڪري دادو اسپتال جي گائني وارڊ ۾ داخل ڪيو آهي ، زخمي صاحبان جي ماء مسمات ارباب خاتون ۽ ڀاء دائود چانڊيو سخت احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته صاحبان تي سندس مڙس ممتاز چانڊيو ، ڏيرن الهورايو ، معشوق چانڊيو ۽ ٻين صاحبان تي لتن ، مڪن ۽ لٺين جا ڌڪ هڻي زخمي ڪرڻ کانپوء کيس بجلي جي تار مان ڪرنٽ هنيو جنهن ڪري هوء بيهوش ٿي ڪري پئي ۽ سندس حمل ضايع ٿي ويو آهي ۽ کائنس رت بند بند نه ٿيڻ ڪري ميهڙ مان ريفر ڪري دادو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي ، هنن دانهيو ته شاھ پنجو ٿاڻي تي اين سي رپورٽ داخل هئڻ باوجود پوليس ڪنهن کي گرفتار ناهي ڪيو هنن مطالبو ڪيو آهي ته صاحبا تي وحشياڻو تشدد ڪري حمل ضايع ڪندڙ مڙس ۽ ڏيرن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.