ميرپورخاص/پٿورو/ڍورونارو (نمائندن وٽان ) وزيراعظم جي خصوصي معاون ارباب غلام رحيم ۽ پي ٽي آءِ ايم اين اي لال مالھي 19 مھينن کان بند پيل ماروي ٽرين جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ٽرين جي آمد جي موقعي تي ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن تي شھرين پاران شاندار استقبال ڪيو ويو، جڏھن ته ارباب غلام سميت ڊويزن جي قيادت سميت ميرپورخاص کان کوکراپار ويندڙ ٽرين جو ارباب غلام رحيم افتتاح ڪرڻ بعد ٽرين ۾ چڙھي نيو ڇور روانو ٿي ويو، جتي مخلتف اسٽيشنن، پٿورو، نيو ڇور ۽ کوکراپار اسٽيشن تي آجيان ڪيمپون پڻ قائم ڪيون ويون ھيون، افتتحاح بعد ارباب غلام رحيم ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪجھه ٽرانسپورٽ مافيا جي ڪري ٽرين بحال ٿيڻ ۾ وقت لڳو، پر ٽرين جي بحالي لاءِ ايم اين اي لال مالھي مسلسل ذاتي طور ڪوششون ورتيون ۽ وفاقي حڪومت کي خط لکندو رھيو، هن وڌيڪ چيو ته منھنجي دور ۾ ٿر تائين به پاڻي پڄندو ھو، پر سنڌ جا حڪمران پنھنجي بنجر زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي چوري ڪري رھيا آھن، جنھن سبب شھرين کي به پيئڻ جي پاڻي نٿو ملي.