ميرپورخاص / ڍورونارو / ڇور/ پٿورو (ن پ ا) 19 مھينا اڳ ۾ ڪورونا سبب بند ڪيل ماروي ٽرين ايڪسپريس جي سروس ٻيھر بحال ٿيڻ بعد ڇور ريلوي اسٽيشن پھچڻ تي علائقي واسين ۽ ڪينٽ جي فوجي جوانن وڏي تعداد ۾ پھچي شاندار آجيان ڪئي ۽ گلن جي ورکا سان گڏ پاڪ آرمـي جي جوانن بينڊ باجن سان استقبال ڪري خوشي جو اظھار ڪيو. جڏھن تي ماروي ٽرين ۾ سفر ڪري ڇور ايندڙ وزيراعظيم جي خاص معاون ارباب غلام رحيم ۽ ايم اين اي لال مالھي جي مان ۾ ارباب گروپ طرفان ريلوي اسٽيشن تي تقريب رکي وئي، جنھن کي خطاب ڪندي ارباب غلام رحيم چيو ته ٽرين جي سروس بحال ٿيڻ کان غريب ماڻهن کي سفر جي بھتر سھولت فراھم ٿيندي، اھا ٽرين جي سروس پي ٽي آءِ حڪومت بحال ڪرائي آهي. ماڻهن کي گھرجي ٽرين کي ڪامياب ڪرڻ لاء مھرباني ڪري ٽڪيٽ وٺي سفر ڪن، منهنجي خواهش آهي تي ھتان جي ماڻهن جي ڀلائي لاء وڌ ۾ وڌ ترقياتي ڪم ڪريان سنڌ حڪومت جي ناڪامي جي ڪري روڊ رستا ٽٽل آهن تنهنڪري ڪري ٽرين سروس ۾ سفر ڪرڻ بھتر ٿيندو.