ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي ڳاڙھي بازار ۾ نامعلوم ھٿيار بند ھٿان مارجي ويل غريب آباد ٿاڻي جي ھيڊ ڪانسٽيبل ذوالفقار سومرو جي قتل جو ڪيس سندس ڀاءُ ممتاز سومرو جي فرياد تي غريب آباد ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آھي. ڪيس ۾ قتل سميت دھشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آھن ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته شھيد اھلڪار ڊيوٽي ڪرڻ بعد گھر وڃي رھيو ھو ته رستي ۾ ھڪ نامعلوم شخص سندس مٿان فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ڊيوٽي دوران ھڪ فون به آيو مقتول اھلڪار ٻڌايو ھو ته سندس گھران فون اچن پيا ضروري ڪو ڪم آھي ۽ آئون گھر وڃان ٿو. ٻئي طرف علائقي واسين جو چوڻ آھي ته شھيد اھلڪار 10 سالن کان ميرپورخاص جي بازار حسن ۾ ھڪ عورت مريم عرف بيبي جي گھر بازار حسن ۾ رھندو ھو، گذريل ڏينهن به بازار حسن ۾ ھڪ نامعلوم شخص سان جھيڙي بعد گوليون لڳڻ سبب اھلڪار مارجي ويو ھو.