ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص لڳ حيدرآباد روڊ تي ٽول پلازه ويجھو ايس ايس پي عمرڪوٽ شاهجهان پٺاڻ جي گاڏي سان حادثو ٿيو، نتيجي ۾ ھڪ اھلڪار سميت ايس ايس پي زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، اطلاع تي ايس ايس پي ميرپورخاص فيصل بشير ميمڻ به حادثي واري هنڌ پھتو ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ جي عيادت ڪئي، ٻئي طرف ايس ايچ او پراڻي ميرپور ٻڌايو ته ايس ايس پي عمرڪوٽ شاھجھان پٺاڻ ڪراچي کان عمرڪوٽ وڃي رھيو ھو ته ميرپورخاص ويجھو ٽرڪ سندس گاڏي جو ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ پوليس اهلڪار سميت ايس ايس پي معمولي زخمي ٿي پيو.