ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) اڳوڻي ايس ايچ او ڪنور سنگھه خلاف پوڻا ٻه ارب رپين جي منشيات ۽ غيرقانوني ھٿيارن جي ڪيسن جي ٻڌڻي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٿي، الزام ھيٺ آيل ڪنور سنگھه ۽ سندس ڀاءُ ڀيرجي سنگھه عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته اينٽي نارڪو ٽيڪس عملدار پيش نه ٿيا، عدالت پاران ٻنھي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، جتي جوابدارن ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنھن بعد عدالت ٻڌڻي 26 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، اڳوڻو ايس ايچ او ڪنور سنگھه جي ضمانت رد ٿيڻ بعد جيل ۾ آھي، جنھن وڪيل معرفت ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي هئي.