دادو (رپورٽر) جوهي جي ڳوٺ الهبچايو جمالي جي رهواسي پيرسن الهه بخش جمالي نافرمان پٽ ظهور جمالي پاران تشدد ڪرڻ خلاف وڪيل شبيلا ملاح جي معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو جي عدالت ۾ تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي، پيرسن الهه بخش جمالي داخل ڪيل درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته کيس هڪ پٽ ۽ 6 نياڻيون آهن، پٽ ظهور روز روز کانئس پئسا وٺندو آهي 10 آڪٽومبر تي پئسا نه ڏيڻ تي پٽ تشدد ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي نياڻين وچ ۾ پئي ڇڏايو وري ٻئي ڏينهن تي پڻ پٽ ڪمري ۾ داخل ٿي تشدد ڪيو ۽ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، جنهن مان جان جو خطرو آهي، رپورٽ داخل ڪرائڻ جي باوجود جوهي پوليس سندس خلاف ڪاروائي نه ٿي ڪري، عدالت اهڙي درخواست تي ايس ايچ او جوهي کي 15 آڪٽومبر تي طلب ڪري ورتو.