ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره منيشا لامبا انڊسٽري ۾ جنسي استحصال جو انڪشاف ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته هوٽل تي گهرائي جنسي زيادتي ڪئي وئي. هڪ انٽرويو دوران منيشا لامبا ٻڌايو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ کيس ڪم ڏيڻ عيوض جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو، 2005 ۾ فل ”يهان“ کان اداڪاري جي دنيا ۾ قدم رکندڙ اداڪاره جو چوڻ هو ته فلمساز ۽ ڊائريڪٽرز فلم تي ڳالهائڻ لاءِ ڊنر تي گهرايو، مون کي فون ڪري چيو ويو ته هاڻي فلم فائنل نه آهي پر اسان ڊنر ۾ ملون ٿا، هن چيو ته آئون هميشه آفيس ۾ ملاقات کي ترجيح ڏيندي هئس، ڪيترائي ڀيرا ڊائريڪٽرطرفان ڪيل غير اخلاقي مطالبن تي ائين ظاهر ڪندي هئس جيئن ڄڻ مون کي ڳالهه سمجهه نه آئي هجي، منيشا جو چوڻ هو ته ڪنهن به انڊسٽري ۾ جتي مرد هجن اتي توهان/ڏسو صفحو 6 بقايا 31
کي هن قسم جا اڻ وڻندڙ واقعا پيش ايندا، واضح رهي ته هن کان اڳ اداڪاره راڌيڪا آپتي، سوارا ڀاسڪر ۽ رچا چڍا سوڌو ٻين اداڪارائن به اهڙي قسم جا انڪشاف ڪيا آهن.