ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مهانگائيءَ جو 47 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، وفاقي شماريات کاتي موجب پاڪستان ۾ گذريل ٻه مهينا مهانگائي 31 سيڪڙو رهي جيڪا آگسٽ ۾ 27 سيڪڙو هئي، جڏهن ته مهانگائيءَ سالياني بنياد تي 38.4 سيڪڙو ٿي وئي. شماريات کاتي موجب کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ 50 کان 70 سيڪڙو اضافو سالياني بنياد تي ٿي رهيو آهي، ۽ اهو اضافو ماهوار بنياد تي ٿي رهيو آهي،ماهرن اهو خدشو به ظاهر ڪيو آهي .ته ايندڙ مهينن ۾ مهانگائي اڃا وڌيڪ وڌندي. پيٽرول، بجلي ۽ گيس جي اگھن ۾ اضافي ۽ آءِ ايم ايف جي مطالبي تي ٽيڪسز ۾ اضافي سان مهانگائيءَ جو طوفان ايندو. پاڪستان ۾ لاڳيتو وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ سبب ماڻهو خاندانن سميت آپگهات ڪري رهيا آهن. پاڪستان گڏيل طور تي 600 کرب رپين جو قرضي آهي، ۽ انهن قرضن جي ري شيڊولنگ ۾ شامل شرط مهانگائي ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ڪري رهيا آهن.