اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي چونڊ نشان بيٽ بابت اليڪشن ڪميشن جي اپيل تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آهي ۽ ڪوئي به ادارو ان جي ڪم ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي، اليڪشن ڪميشن غيرآئيني ڪم ڪري ته پوءِ معاملو ڏسي سگهجي ٿو، ملڪ ۽ پارٽي ۾ جمهوريت هجڻ گهرجي، انٽراپارٽي چونڊ درست نه هوندي ته پي ٽي آءِ کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا، جيڪڏهن انٽراپارٽي چونڊ درست قرار ٿي بيٽ سميت پي ٽي آءِ کي سڀ ملندو، اليڪشن وڙهڻ جو بنيادي حق کسيو وڃي ته آمريت هيٺين سطح تائين اچي ويندي، لڳي ٿو پي ٽي آءِ پاڻ پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو هنيو، بيٽ واري نشان بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست تي سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کان انٽرا پارٽي چونڊن جو اصل رڪارڊ طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ پي ٽي آءِ جي بيٽ واري نشان بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي وڪيل کي چيو ته اسان پي ٽي آءِ جي ڪيس لاءِ جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس اڳتي ڪيو، پي ٽي آءِ چونڊون ڪرائڻ آئي ته 12 ڏينهن ۾ چونڊن جي تاريخ ڏني، اوهان اليڪشن ڪميشن خلاف توهين عدالت جي درخواست آندي ته فوري اليڪشن ڪميشن کان جواب گهريو، اوهان لاهور هاءِ ڪورٽ ويا اتي لارجر بينچ جوڙي وئي، اوهان لاهور هاءِ ڪورٽ ڇڏي پشاور ويا، رليف ملي ويو هاڻ وڌيڪ ڇا ڪريون؟ چيف جسٽس چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ جهول آهي، هاءِ ڪورٽ صرف ايترو چيو ته تحريڪ انصاف کي بيٽ جو نشان ڏنو وڃي، اهڙي ڊڪليئريشن نه ڏني ته انٽراپارٽي چونڊ درست هئي، بيرسٽر گوهر خان چيو ته اسان اتي فورم شاپنگ لاءِ نه ويا هئاسين، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان فورم شاپنگ جو لفظ استعمال ناهي ڪيو، اهو لفظ تڏهن استعمال ٿيندو آهي جڏهن هڪ هنڌان رليف نه ملي ته ٻئي هنڌ وڃو، ائين ته سسٽم خراب ٿي ويندو، عدالت پڇاڻو ڪيو ته اڃا تفصيلي فيصلو جاري ناهي ٿيو؟ جنهن تي پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اڃا تفصيلي فيصلو ناهي آيو ۽ لڳي ٿو ته فيصلو اچڻ ۾ هڪ هفتو لڳي ويندو، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ٻڌايو ته 13 جنوري ڇنڇر جي ڏينهن سياسي پارٽين کي چونڊ نشان الاٽ ٿيڻا آهن.اليڪشن ڪميشن جي وڪيل مخدوم علي خان بيٽ وارو نشان واپس ڪرڻ جو پشاور هاءِ ڪورٽ وارو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ پڙهي ٻڌايو. پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته مون کي تياري لاءِ سومر تائين وقت ڏيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ٽن ڏينهن تائين جيڪڏهن ڪيس ملتوي ڪرڻو آهي ته پوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪرڻو پوندو، اسان سڀاڻي ۽ پرينهن به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ڇنڇر ۽ آچر واري موڪل قربان ڪري چونڊن جا ڪيس ٻڌي سگهون ٿا. جسٽس قاضي فائز عيسي چيو ته رڳو اِهو چاهيون ٿا ته چونڊن وقت سر ۽ قانون پٽاندڙ ٿين، ڄاڻون ٿا ته هاڻي چونڊن ۾ وقت گهٽ آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته پي ٽي اءِ سان امتيازي ورتاءُ ته ناهي ڪيو ويو، هر پارٽي کي اختيار آهي ته پنهنجي جماعت کي ووٽ ڏئي، اهڙي طرح هر ميمبر کي اختيار هجڻ گهرجي پنهنجي پسنديدا اميدوار کي پارٽي ۾ ووٽ ڏئي، هڪ اهم ڳالهه اِها آهي ته انٽرا پارٽي اليڪشن وارو معاملو ان وقت اُٿاريو ويو جڏهن پي ٽي آءِ حڪومت ۾ هئي، سياسي پارٽين اندر به جهموريت هئڻ گهرجي آمريت نه هئڻ گهرجي، ڪٿي اڻ برابري تي ناهي ٿي رهي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته اسان 13 پارٽين کي ڊي لسٽ ڪيو آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ٿي سگهي ٿوته اِهي پارٽيون به سڀاڻي سامهون اچن، جڏهن چيئرمين بنا مقابلي چونڊجي ويو ته ووٽن جو معاملو ڪٿان آيو؟، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته اسد عمر اڄ به پارٽي جو سيڪريٽري آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اصل سوال ٻه ڊسمبر واري پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن جو آهي، ڪجهه شيون ته ٽڪنيڪي آهن اصل شيءَ جهموريت آهي، جهموريت ملڪ ۾به هئڻ گهرجي، جهموريت سياسي پارٽين ۾ به هئڻ گهرجي، پهرين ڊڪليريشن ڏيکاريو ڪٿي چيو ويو آهي ته انٽرا پارٽي اليڪشن درست آهي؟، چونڊ نشان جو ذڪر آئين ۾ ناهي پر اليڪشن ايڪٽ ۾ آهي، ڌرڻي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن چيو هو ته ڪا شق ڪاسميٽڪ آهي، پر پوءِ اليڪشن ڪميشن پنهنجي موقف تان ڦري وئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان چونڊون ڪرائڻ چاهيون ٿا، سڀاڻي تحريڪ انصاف جي وڪيل کي ٻڌنداسين. چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آهي ۽ ڪوئي به ادارو ان جي ڪم ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي، اليڪشن ڪميشن غيرآئيني ڪم ڪري ته پوءِ معاملو ڏسي سگهجي ٿو، ملڪ ۽ پارٽين ۾ جمهوريت هجڻ گهرجي، انٽراپارٽي چونڊ درست نه هوندي ته پي ٽي آءِ کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا، جيڪڏهن انٽراپارٽي چونڊ درست قرار ٿي بيٽ سميت پي ٽي آءِ کي سڀ ملندو، اليڪشن وڙهڻ جو بنيادي حق کسيو وڃي ته آمريت هيٺين سطح تائين اچي ويندي. چيف جسٽس چيو ته چاهيون ٿا ته اليڪشن وقت تي ۽ قانون موجب ٿئي، سياسي پارٽين کي ريگيوليٽ ڪرڻ ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، وڪيل حامد خان چيو ته سپريم ڪورٽ قرار ڏئي چڪي آهي ته ڪوئي ادارو پنهنجي فيصلي جي دفاع ۾ اپيل نٿو ڪري سگهي، چيف جسٽس چيو ته ڪسٽم ڪليڪٽر به پنهنجي فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ اپيلون ڪندا آهن، ٻڌڻ جوڳو هجڻ سوال ته پوءِ پي ٽي آءِ جي هاءِ ڪورٽ جي اپيل تي به ايندو، ڇا اليڪشن ڪميشن پنهنجي حڪم جو دفاع نه ڪري؟ ڇا پنهنجي خلاف فيصلو اچڻ تي سرينڊر ڪري ڇڏي؟اليڪشن ڪميشن اپيل نه ڪري ته پوءِ ان جا فيصلا بي معنيٰ ٿي ويندا، وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن آئين نه پر اليڪشن ايڪٽ تي ڀاڙي ٿي، چيف جسٽس چيو ته اوهان جي ڳالهه مڃون ته پوءِ اها آئيني اداري کي ختم ڪرڻ واري ڳالهه هوندي، چيف جسٽس سوال ڪيو ته پي ٽي آءِ جون انٽرا پارٽي چونڊون ڪٿي ٿيون، ڪرڪيٽ گرائونڊ يا هوٽل ۾ ٿيون؟ پي ٽي آءِ جي وڪيل جواب ڏيندي چيو ته چونڊون پشاور جي ڳوٺ ۾ ٿيون، جسٽس مسرت حلالي پُڇيو ته ننڍڙي ڳوٺ ۾ انٽرا پارٽي چونڊون ڇو ڪيون؟ چيف جسٽس چيو ته ڇا ڪو نوٽيفڪيشن آهي ته ڪهڙي جاءِ تي چونڊون ٿيون؟ ورڪرز کي ٻڌايو يا نه، سوال ٿيندا ته ميمبرز کي ڪيئن خبر پئي ته ڪٿي وڃي ووٽ ڏيڻو آهي، پي ٽي آءِ جي وڪيل نياز الله نيازي چيو ته ووٽنگ ٿي هئي، وڊيوز هلائي ڏسو، چيف جسٽس کيس ڇنڊ پٽيندي چيو ته اڄ توهان وڪيل نه،  ڌر آهيو، توهان کي تميز ناهي ته سينيئر وڪيل جي موجودگي ۾ اجازت وٺي ڳالهائبو آهي، توهان جي پارٽي جا وڪيل موجود آهن، توهان ويهي رهو، ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ کي چونڊون ڪرائڻ لاءِ هڪ سال جو وقت ڏنو هو، چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن گهڻي سخي هئي، جڏهن اِنهي پارٽي جي حڪومت هئي ته چونڊون ڪرائن لاءِ 2 سال ڏنا، وڪيل ورندي ڏيندي چيو ته ان وقت به اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي نوٽيس جاري ڪيو هو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته  ڇا رڳو اِن بنياد تي پي ٽي آءِ جون پارٽي چونڊون ڪالعدم قرار ڏيون ته اڪبر ايس بابر کي چونڊ وڙهڻ جو موقعو نه مليو، بيٽ جو چونڊ نشان ٺهي ٿو ته پي ٽي آءِ کي ملڻ گهرجي، اليڪشن وڙهڻ جو بنيادي حق کسيو وڃي ته آمريت هيٺين سطح تائين اچي ويندي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پي ٽي آءِ زوري چونڊن ۾ حصو نٿي وٺرائي سگهي، اڪبر ايس بابر ايڏي عرصي کان پي ٽي آءِ کي ڇو تنگ ڪري رهيو آهي؟ پي ٽي آءِ کي چونڊ نشان نه مليو ته ڇا اڪبر ايس بابر کي نقصان نه ٿيندو، توهان به هن پارٽي جا ميمبر آهيو، جيڪڏهن انٽرا پارٽي چونڊون صحيح هجن ته پارٽي کي سڀ ڪجهه ملڻ گهرجي، جيڪڏهن بئٽ جو چونڊ نشان ٺهي ٿو ته پي ٽي آءِ کي ملڻ گهرجي، اڪبر ايس بابر چيو ته کيس چونڊ وڙهڻ نه ڏني وئي، چيف جسٽس چيو ته هڪ چُڀندڙ سوال پڇڻ چاهيون ٿا، اڪبر ايس بابر پاڻ پي ٽي آءِ خلاف بيٺو آهي يا اُن جي پويان ڪو بيٺو آهي، چيف جسٽس چيو ته اسان جو ويڪينڊ برباد ڪرڻ جي مهرباني، ڪيس تي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي وئي.