اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس اعجاز الاحسن جي استعيفا منظور ڪري ورتي، صدر نگران وزيراعظم جي مشاورت سان جسٽس اعجاز الاحسن جي استعيفا منظور ڪئي، سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج مظاهر علي اڪبر نقوي کانپوءِ گذريل ڏينهن جسٽس اعجاز الاحسن به پنهنجي استعيفا صدر ڏانهن اماڻي هئي، جسٽس اعجاز الاحسن هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ سينيارٽي جي حساب سان ملڪ جو نئون چيف جسٽس مقرر ٿيڻ وارو هو، جسٽس اعجاز الاحسن چيف جسٽس طور آگسٽ 2025 ۾ رٽائر ٿئي ها.