ملير(رپورٽر) شاهه لطيف جي علائقي اڻڃاتل هنڌ تان گولي فائر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻن ورهين معصوم نينگري زخمي ٿيڻ بعد علاج دوران اسپتال ۾ فوت، سرڪار جي مدعيت ۾ واقعي جو ڪيس داخل، ڪابه گرفتاري عمل نه آهي، خبر موجب شاهه لطيف ٿاڻي جي حد يار محمد ڳوٺ ۾ اڻڃاتل هنڌ تان گولي فائر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻن ورهين جي معصوم ٻارڙي صنم ڌيء عديل خان زخمي ٿيڻ بعد علاج دوران اسپتال ۾ فوت، وارثن پاران واقعي جي ايف آءَ آر داخل نه ڪرائڻ بعد سرڪار جي مدعيت ۾ شاهه لطيف ٿاڻي تي ڪيس داخل، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او شاهه لطيف محمد اويس وارثي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته يار محمد ڳوٺ جي علائقي ۾ نامعلوم هنڌ تان گولي فائر ٿيڻ جي نتيجي ۾ گهر جي اڱڻ تي ستل ٻن ورهين جي معصوم نينگري صنم مٿي ۾گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ شديد زخمي ٿي پئي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرن پاران آپريشن ڪري نينگري جي مٿي ۾ لڳل گولي ڪڍي وئي جنهن بعد علاج دوران نينگري اسپتال ۾ فوت ٿي وئي جڏهن ته وارثن پاران واقعي جي ايف آءَ آر داخل ڪرائڻ کان جواب ڏيڻ بعد سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي