مقبوليت جي خوشفهمي ۾ مبتلا پي ٽي آءِ ۽ حڪومت آڏو چئلينج

0
124
سياسي بحران پڄاڻي تي پهچندو يا وڌندو ؟

گذريل ٽن سالن ۽ اٺن مهينن دوران ملڪ اندر جيئن سياسي قوتون وائکيون ٿيون آھن ايئن ملڪي تاريخ ۾ سياسي ڌريون وائکيون ٿيندي گهٽ ئي نظر آيون آھن. جيڪي اپوزيشن ۾ شامل پارٽيون عمران خان جي حڪومت کي سليڪٽيڊ قرار ڏئي سليڪٽرن کي تنقيد جو ساڍن ٽن سالن دوران حدف بنائي رهيون هيون اهي اپوزيشن جون پارٽيون سليڪٽرن کان ماضي جون شڪايتون وساري انهن جي نيوٽرل ٿي وڃڻ جي بار بار تصديق ڪنديون رهيون. اپوزيشن پارٽين طاقتور ڌرين جي صرف نيوٽرل ٿي وڃڻ تي ماضي ۾ ڪيل سمورن مامرن کي ته وساري ڇڏيو پر باريڪ بيني سان ان مامري جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ به مناسب نه سمجهي ته ڌرائتي ڪردار ادا ڪندڙ ڌرين کي اوچتو نيوٽرل ٿيڻ جي آخري لوڙ ڪهڙي پئجي وئي آھي ؟  ان سوال تي ته مخالف ڌر شايد غور ڪيو هجي پر اپوزيشن جي ڳالھين مان لڳي رهيو آھي ته   انهن ڌرين جي نيوٽرلٽي ڪيتري وقت تائين هوندي بابت ڪو يقين يا پڪ نه آھي اها نيوٽرل واري پاليسي تبديل ٿيڻ جو سندن ذهنن ۾  خدشو  موجود آھي پر ان هوندي به اپوزيشن پوڻا چار سال مڪمل ڪندڙ عمران خان جي حڪومت کي مدت مڪمل ڪرڻ ڏيڻ بجاءِ  گهر موڪلڻ لاءِ ميدان ۾ اچي وئي. ظاهر آھي ته عوامي مسئلن جي حل ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويندڙ عمران حڪومت کي مدت جي آخري سال ۾ سياسي طور شهيد ٿيڻ جو موقعو ڏيڻ ۽ حڪومت ۾ اچڻ پويان اپوزيشن جي ڪا وڏي مجبوري هوندي جيڪا مجبوري وقت تي ضرور منظر تي ايندي جيئن عمران حڪومت پويان ڪير بيٺل هئا واري مامري کي وقت ڏينهن جي روشني وانگر صاف ڪري ڇڏيو آھي.

عمران خان جي حڪومتي اتحادي ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي جو ٽي وي پروگرام ۾ اهو چوڻ هر مامري وقت قومي اسيمبلي ۾ کين ووٽ ڏيڻ وقت تحريڪ انصاف نه پر ڪو ٻيو ئي چوندو رهيو، نه رڳو ايترو پر ايم ڪيو ايم اڳواڻن جو اهو  به چوڻ ته عمران خان جي حڪومت ۾ شامل ڪرايو ويو. پي ٽي آءِ جي عامر لياقت جو اهو چوڻ ته اجلاس ۾ آيا نه آهيون آندا ويا آھيون. ايم ڪيو ايم وارا يا عامر لياقت ڀلي پي ٽي آءِ حڪومت جي سپورٽ ڪندڙ ڌرين جو نالو نه کڻن پر ان بابت هر ڪو ڄاڻي ٿو.  انهن نظر نه ايندڙ قوتن جي سپورٽ سسٽم جڏهن عمران حڪومت کي قائم رکڻ لاءِ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، تڏهن سڀني ڏٺو ته عمران خان جي حڪومت عمران خان سوڌو ڪيئن لاڏا ڳائيندي گهر ڀيڙي ٿي وئي. ملڪي تاريخ ۾ جيئن پهريون ڀيرو هڪ رانديگر جي وزير اعظم ٿيڻ جي تاريخ رقم ٿي تيئن ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آئين ۾ ڏنل بي اعتمادي جي رٿ جي طريقيڪار تحت حڪومت جي گهر وڃڻ جي تاريخ به رقم ٿي وئي.  تاريخ ته اها به رقم ٿي آھي ته شهباز شريف ملڪي تاريخ جو اهو اپوزيشن ليڊر ٿي ويو آھي جيڪو پنج سالن لاءِ چونڊجي آيل اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر به رهيو ته ان اسيمبلي جي مدت ختم ٿيڻ کان اڳ وزير اعظم به چونڊجي ويو آھي پر   ملڪي تاريخ ۾ گذريل ٽن سالن ۽ اٺ مهينن کي ان حوالي سان انتهائي اهم تصور ڪيو ويندو ته ان عرصي ۾ سياسي ڌرين سان گڏ طاقتور ڌرين جي به پت وائکي ٿي وئي آھي.

عمران خان پنهنجي حڪومت دوران اپوزيشن ۾ شامل پارٽين جي اڳواڻن کي چور، ڌاڙيل، مني لانڊر کان وٺي غدار جا به لقب ڏيندو رهيو آھي، ايئن هن وقت حڪومتي ڌر بڻجي ويل اڳوڻي اپوزيشن اتحاد ۾ شامل پارٽيون عمران خان کي ڪرپٽ ۽  ايجنڊا تحت مسلط حڪومت قرار ڏينديون رهيون آھن. انهن ڳالهين سان ظاهر آھي ته هر ماڻهن جي ذهن ۾ سياسي ڌرين لاءِ خاڪو هڪ ڪرپٽ ۽ مفاد پرست وارو جڙندو ۽ سياسي ڌرين جي ان خاڪي سان ساک خاڪ ۾ ملڻ جو سبب ٿيندي رهي ٿي. نه رڳو ايترو پر عمران خان جي حڪومت جي قيام کان خاتمي تائين اپوزيشن جون پارٽيون طاقتور ڌرين کي تنقيد جو حدف بنائينديون رهيون، هاڻي شهباز شريف جي حڪومت قائم ٿيڻ بعد فرق صرف اهو آھي ته هن وقت حڪومتي اتحاد ۾ شامل پارٽين طاقتور ڌرين کي حدف بنائڻ جي پاليسي ترڪ ڪئي آھي، پر عمران خان جي سپورٽرن  طاقتور ڌرين کي نه رڳو حدف بنائڻ شروع ڪيو آھي پر جنهن انداز سان احتجاجن ۾ اهي نالا کڻي نعرا هڻي رهيا آھن اهڙي ٻولي به شايد انهن ڌرين خلاف ڪنهن استعمال ڪئي هجي. اهو ئي سبب آھي ته گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ سياسي ڌرين جي زباني جمهوريت پسندي وائکي ٿي آھي پر ان کان وڌيڪ طاقتور ڌريون به نروار ٿي ويون آھن .

انهن سمورن مامرن جو حل آئين ۾ ادارن جي طئه ڪيل دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻ سان نڪري سگهي ٿو پر اسان وٽ اهو مامرو  اردو جي هن شعر وانگر ئي رهيو آھي ته “ هزارون خواهشين ايسي ڪه هر خواهش پي دم نڪلي” اهو ئي سبب آھي جو اسد قيصر پاران اسپيڪر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ بعد قائم مقام اسپيڪر بڻجي ويل قاسم سوري  آئيني ذميواري اهو چئي نڀائڻ کان انڪار ڪري ڇڏي ٿو ته سندس پارٽي جي اڳوڻي حڪومت بي اعتمادي جي رٿ کي غيرملڪي سازش تحت آيل قرار ڏئي چڪي آھي. قائم مقام اسپيڪر قاسم سوري نه رڳو وزير اعظم جي عهدي لاءِ چونڊ ڪرائڻ واري آئيني ذميواري نڀائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر جڏهن وزير اعظم جي عهدي تي چونڊ ٿي وئي ته پارلياماني روايتن تحت نئون چونڊيل وزير اعظم پهرين تقرير ڪري مڪمل ڪئي ان بعد قومي اسيمبلي ۾ موجود پارٽين جي پارلياماني ليڊرن کي خطاب ڪرڻو هو جنهن جو آغاز ڪندي پرزائيڊنگ آفيسر بلاول ڀٽو کي تقرير ڪرڻ جي دعوت به ڏئي چڪو هو ان پرزائيڊنگ آفيسر کي قائم مقام اسپيڪر ڪرسي به پاڻ ڏئي ويو هو پر قائم مقام اسپيڪر پرزائيڊنگ آفيسر جي ڏنل تقرير جي دعوت کي به مان ڏيڻ گوارا نه ڪندي ايوان ۾ اچي قومي اسيمبلي جو اجلاس 16 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ايئن ڪڏهن پارلياماني تاريخ ۾ نه ٿيو آھي نه رڳو ايترو پر نئين وزير اعظم جي چونڊ بعد صدر عارف علوي به اوچتو بيمار ٿي وڃي ٿو سندس اوچتي بيمار ٿيڻ کان اڳ اهي افواهه گردش ڪري رهياهئا ته صدر عارف علوي نئين چونڊيل وزير اعظم کان حلف نه کڻائيندو. صدر عارف علوي جي اوچتو بيمار ٿيڻ ڪري ايئن ئي ٿيو. نئين وزير اعظم کان عهدي جو حلف صدر بجاءِ قائم مقام صدر صادق سنجراڻي ورتو. جنهن ملڪ ۾ آئين تي عملدرآمد جي صورتحال اهڙي هجي ان ملڪ بابت دنيا ۾ ڪهڙي راءِ جوڙي ويندي جو شايد احساس ڪيو وڃي ها ته آئيني عهدو رکندڙ ايئن ڪرڻ کان هزار ڀيرا سوچڻ تي مجبور ٿين ها.

عمران خان جي حڪومت جي خاتمي بعد   شهباز شريف جي حڪومت قائم ٿي چڪي آھي. شهباز شريف جي حڪومت کي عمران خان جي حڪومت کان انتهائي گهڻا چئلينج درپيش آھن. شهباز شريف هڪ طرف ملڪي معيشت جي تباهي جي ڪناري تي پهچي وڃڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آھي ته ٻئي طرف عوام کي رليف ڏيڻ جا اعلان به ڪري رهيو آھي جيڪڏهن معيشت تباهه ٿيل ۽ خزانو خالي آھي ته پوءِ شهباز شريف جي حڪومت عوام کي رليف ڪيئن ڏئي سگهندي؟ ڇا پي ٽي آءِ حڪومت وانگر عوام کي اعلان ۽ ڳالهيون ئي نصيب ٿينديون. شهباز حڪومت وٽ اهو آپشن نه آھي جو اهو ملڪي معيشت کي  بهتر ڪرڻ بعد عوام کي رليف ڏئي، ان ڪري عوام کي رليف ڏيڻ شهباز شريف جي حڪومت اڳيان وڏو چئلينج آھي. صبح جو اٺين وڳي آفيس پهچي وڃڻ ۽ هفتي ۾ ٻه موڪلون ختم ڪري رڳو هڪ موڪل ڪرڻ، انتظامي طور موثر ٿيڻ جهڙيون سرگرميون ڪرڻ سٺو عمل آھي پر ملڪ جن حالتن ۾ آھي انهن حالتن ۾ اڳوڻي حڪومت کان پاڻ کي بهتر ڏيکارڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آھي،

باقي ڳالھين ذريعي ڳوٺ ٻڌڻ جو ملڪ اندر شايد عمران خان جي حڪومت جو ڪو ثاني ٿي سگهي. اهو عمران خان جي حڪومت جو فن هو ته ڪا تجويز تيار ڪئي وڃي ان کي ايئن ڪيش ڪرائڻ ته ڄڻ اهو ڪم ٿي چڪو آھي عوام کي رليف ملي چڪو ان بعد   ان تجويز جي جڏهن منظوري ڏني وڃي ته ان کي وري حڪومتي ڪارنامي طور ڄاڻائڻ ۽ ان مامري کي مسلسل ورجائي عوام کي ياد ڪرائي ڇڏڻ ۾ پي ٽي آءِ جي مهارت هئي، حڪومتي فيصلن جي ان ريت پرچار ڪرڻ ڪري ئي اسلام آباد جا صحافي پي ٽي آءِ کي ٽوئيٽر سرڪار چوندا هئا. مطلب ته هاڻي شهباز شريف لاءِ عوام کي خيالي پلاءُ کارائڻ جو آپشن نه آھي، مٿان ان جا اتحادي پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم وفاقي ڪابينه جو حصو ئي نٿا ٿيڻ چاهين. ايم ڪيو ايم ن ليگ سان سنڌ ۾ نئين صوبي جي قيام واري مطالبي کي تسليم ڪرائڻ واري معاهدي جي سياسي فائدي لاءِ تشهير چاهي ٿي، پيپلزپارٽي ڪابينه مان ٻاهر رهي مختصر وقت لاءِ قائم حڪومت جي ناڪامين ۾ حصيدار ٿيڻ نٿي چاهي، مٿان عمران خان غيرملڪي سازش سان پي ٽي آءِ حڪومت جي خاتمي جو نيريٽو ٺاهي عوام کي ملڪ اندر جلد نئين چونڊ ڪرائڻ لاءِ دٻاءَ وڌائڻ لاءِ ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي.

عمران خان هفتن ۾ نئين چونڊ جي اعلان لاءِ هر حد تائين وڃڻ لاءِ تيار نظر اچي رهيو آھي. عمران خان غير ملڪي سازش سان گڏ پاڻ کي اسٽيبلشمينٽ مخالف واحد ليڊر طور مختلف انداز سان عوام کي محسوس ڪرائيندي به نظر اچي رهيو آھي. ملڪ جون زميني حقيقتون ڀلي ڇا به هجن عوام پي ٽي آءِ حڪومت پاران ڪيل مهانگائي ۾ ڀلي ڪيتري به پيڙجندي رهي هجي پر پي ٽي آءِ اڳواڻن کي اهو لڳي رهيو آھي ته هن وقت ملڪ جي اڪيلي مقبول پارٽي پي ٽي آءِ آھي، ٻيون سڀ پارٽيون گڏجي به پي ٽي آءِ جو مقابلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ئي نه آھن، نه رڳو ايترو پر پي ٽي آءِ اڳواڻن کي اهو به محسوس ٿي رهيو آھي ته نئين چونڊ ۾ عمران خان جي پارٽي قومي اسيمبلي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ايندي. عوام ٻه ڀاڳي ٽي جي اڪثريت جيتريون پي ٽي آءِکي سيٽون ڇو ڏيندي واري سوال ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اهو چئي رهيا آھن ته عمران حڪومت خلاف غيرملڪي سازش ٿيڻ ڪري عوام ان سان گڏ بيٺل آھي عوام کي پي ٽي آءِ حڪومت جي مهانگائي ۽ ناڪاميون ياد ئي نه آھن. پي ٽي آءِ جي اها خوشفهمي آھي يا واقعي پي ٽي آءِ رڳو غيرملڪي سازش ڪارڊ تي ملڪ اندر انقلابي پارٽي ٿي وئي آھي اهو پتو ته چونڊن ۾ پوندو، چونڊون ڪڏهن ٿينديون ان بابت اڃان ڪجھه چٽو نه آھي پر اهو واضح نظر اچي رهيو آھي ته چونڊون هاڻي جلد ٿيڻيون آھن.

اسان جي ملڪ اندر سياسي ڪرشما ٿيندا رهيا آھن. اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد کي عمران حڪومت جي ختم ٿيڻ جي هڪ مهيني کان به گهٽ عرصي ۾ 29 اپريل تائين ڪو ڪرشمو ٿيڻ جي اميد آھي هڪ طرف شيخ رشيد ڪرشمو ٿيڻ جي ڳالھه ڪري رهيو آھي ته ٻئي طرف عمران خان کي عوامي مقبوليت جي معراج تي به ڏسي رهيو آھي.جيڪڏهن عمران خان ايترو مقبول آھي ته پوءِ ان کي ڪنهن معجزي جو انتظار ڇو آھي؟ شيخ رشيد جي ڳالھين مان لڳي ٿو ته کيس زميني حقيقتن جو علم آھي پر ان جو زبان سان اظهار نٿو ڪرڻ گهري ،کيس معلوم آھي ته ٽوئيٽر ۽ فيس بڪ تي هلندڙ سياسي جنگ ۾ شامل مخلوق کان ٻيڻ تي به وڌيڪ مخلوق ان سياسي جنگ جي اثرن کان ٻاهر آھي جن جا ووٽ فيصلا ڪن ان ڪري آھن جو پڙهيل لکيل طبقو ڪلاڪن تائين قطار ۾ بيهڻ گوارا نه ڪندو آھي. جيڪو طبقو سوشل ميڊيا تي هلندڙ ساسي جنگ جو حصو نه آھي اهو ووٽ ڪرڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ به انتظار ڪندو آھي ان طبقي لاءِ پي ٽي آءِ ڇا ڪيو آھي واري سوال تي کين ضرور غور ڪرڻ گهرجي، رڳو ڪجھه جلسا سٺا ٿيڻ تي ڪنهن کي ڪا وڏي خوشفهمي پالڻ ان ڪري نه گهرجي جو ملڪ اندر هڪ قومي اسيمبلي جي تڪ تي ووٽر ٽي کان چار لک به آھن  ڪنهن به پارٽي جي جلسي ۾ هڪ تڪ ۾ رجسٽر ووٽرن جيترا به ماڻهو شامل نه هوندا آھن، ته پوءِ جلسن جي بنياد تي خوابن جا محل ٺاهڻ کي پنهنجو پاڻ کي ئي ڌوڪو ڏيڻ چئي سگهجي ٿو.