مفت وارا مزا ختم: ٽوئيٽر استعمال ڪندڙ پئسا ڀريندا

0
175

ٽوئيٽر جي نئين سي اِي او مالڪ ايلون مسڪ ايندي ئي ٽوئيٽر استعمال ڪندڙن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي، ڇو ته هن مفت وارا مزا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، تازو ئي ٽوئيٽر جا اختيار حاصل ڪندڙ ايلون مسڪ مائيڪرو بلاگنگ ويبسائيٽ ٽوئيٽر ۾ تبديليون آنديون آهن، هن واهپيدارن کان پئسا وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي، ويريفائڊ اڪائونٽ لاءِ في رکڻ تي واهپيدار مٿس شديد تنقيد ڪري رهيا آهن، پر جواب ۾ ايلون مسڪ چيو ته جنهن کي جيڪو به ڪرڻو آهي اهو ڪري بلو ٽڪ لاءِ هر مهيني 8 ڊالرز ڏيڻ لازمي آهي.

                         ايلون مسڪ جو چوڻ هو ته هر مهيني في ادا ڪندڙن لاءِ نيڪ خواهشون رکي ٿو. هن چيو ته بلو ٽڪ وارن اڪائونٽس کان هر مهيني سندن مقامي ملڪ جي ڪرنسي موجب في وصول ڪئي ويندي جڏهن ته هر مهيني في ادا ڪندڙ اڪائونٽس هولڊرز کي ان جي عيوض سٺا فيچرز ملندا، جنهن سان هو پنهنجي فيڊ تي اشتهارن کي گهٽ ڏسندا. ايلون مسڪ جو چيو آهي ته في ادا ڪندڙ اڪائونٽس کي وڏي وڊيو ٽوئيٽ ڪرڻ کانسواءِ کين آڊيو ڪلپس به ٽوئيٽ ڪرڻ جي فيچرز تائين پهچ ڏني ويندي. هن موجب في ادا ڪندڙن کي وڌيڪ سهولتون ڏنيون ويندون کين جتي مينشن ڪيو ويندو ان جو فوري نوٽيفڪيشن ويندو جڏهن ته پيغام يا ريپلائز تي مينشن ڪرڻ تي به کين فوري آگاهي ڏني ويندي. ايلون مسڪ جو چوڻ آهي ته في وصولي جي نظام سان ڪانٽينٽ ڪريئٽرز کي به پليٽ فارم سان سٺو معاوضو ڏيڻ جي قابليت ٿيندي ۽ انهن لاءِ موقعا پيدا ڪيا ويندا جڏهن ته ان حوالي سان وڌيڪ وضاحت ناهي ڪئي.

ايلون مسڪ 27 ۽ 28 آڪٽوبر جي رات ٽوئيٽر جو ڪنٽرول سنڀاليو، هن اپريل 2022 ۾ ان پليٽ فارم ٽوئيٽر کي 44 ارب ۾ خريد ڪيو هو. ايلون مسڪ ايندي ئي نه رڳو سي اي او کي نيڪالي ڏني گڏ مختلف ملازمن کي نوڪرين تان برطرف پڻ ڪري ڇڏيو. ان وقت  ايلون مسڪ امڪان ظاهر ڪيو ته ويريفڪيشن جي بلو ٽڪ لاءِ واهپيدارن کي 5 کان 20 ڊالر في ادا ڪرڻي پوندي.

هاڻ هن اعلان ڪيو آهي ته في هر مهيني ٽوئيٽر جي استعمال ڪندڙ انهن صارفين کان  ورتي ويندي جن جو ٽوئيٽر اڪائونٽ ويريفائيڊ/تصديق ٿيل يعني بلو ٽڪ وارو آهي، ايلون مسڪ جي تازين ٽوئيٽس مان اندازو لڳايو ٿو وڃي ته ٽوئيٽر تي ويريفائڊ اڪائونٽس هولڊرز کان هر مهيني 20 ڊالز جي جڳهه تي 8 ڊالرز ورتا ويندا.جڏهن ته اهو واضح ناهي ته هر مهيني اها فيس برانڊز يا ادارن کان وڌيڪ وصول ڪئي ويندي يا سڀني اڪائونٽس کان هڪ جيتري وصول ڪئي ويندي.

اهڙي اعلان تي ماڻهن ايلون مسڪ تي وڏي تنقيد ڪئي پر هن تنقيد کي مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي اعلان تي برقرار رهندي چيو ته بلو ٽڪ لاءِ هر حال ۾ في ادا ڪرڻي پوندي. ايلون مسڪ ٽوئيٽس ۾ اهو به واضح ڪيو ته جنهن کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪري، جيتري شڪايت ڪرڻي آهي ڪري، روئن ٿا پر بلو ٽڪ وارن کي هر مهيني 8 آمريڪي ڊالر مطلب پاڪستاني تقريبن 2 هزار رپيا ادا ڪرڻا پوندا.